سيالڪوٽ (م ڊ) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته جي آءِ ٽي جي سڄي ڪارروائي عوام کي ڏيکاري وڃي ته جيئن کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿي وڃي، نواز شريف کان ڪير به اقتدار نٿو کسي سگهي. سيالڪوٽ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته پاناما ڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جي سڄي ڪارروائي منظر تي آندي وڃي ته وزيراعظم کان ڪهڙا سوال ڪيا ويا ۽ هن ڪهڙا جواب ڏنا. اها ڪارروائي ٽي وي تي هلائي ڇڏيو ۽ سئنيمائن ۾ به ڏيکاريو، خرچ اسان برداشت ڪنداسين. هن چيو ته قطري شهزادو چئي چڪو آهي ته مني ٽريل بابت مون کان پڇو پر هي ٻاهر نٿا وڃن، کين خبر آهي ته قطري شهزادي جي بيان کانپوءِ قصو ختم ٿي ويندو. خواجا آصف چيو ته 24 سال اڳ ڪرپشن جي الزام ۾ اسان جي حڪومت ختم ڪئي وئي پر ثابت نه ڪيو ويو ته نواز شريف ڪهڙي ڪرپشن ڪئي، عوام نواز شريف کي ٽيون ڀيرو وزيراعظم بڻايو ۽ هو چوٿون ڀيرو به وزيراعظم بڻجندو.27