ڪراچي؛ننڍي چونڊ، پ پ ۽ متحده ۾ چوٽيءَ جو مقابلو، پي ٽي آءِ پاران بائيڪاٽ، ڌانڌلي جا الزام

ڪراچي (مانيٽرنگ ِيسڪ) ڪراچي ۾ پي ايس 114 تي ننڍي چونڊ، پ پ جي سعيد غني کي سرسي حاصل، پي ٽي آءِ پاران بائيڪاٽ، ڌانڌلي جا الزام، غير حتمي نتيجن موجب پ پ جي سعيد غني 4 هزار 9 سئو ووٽ کڻي پهرين پوزيشن ماڻي ورتي آهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي ڪامران ٽيسوري 4 3 سئو ووٽ کڻي ٻي پوزيشن ماڻي ورتي، 74 پولنگن جو غير حتمي نتيجي جي رپورٽ جاري ڪئي وئي، جڏهن ته مسلم ليگ ن جي اميدوار ٽئين پوزيشن ماڻي ورتي آهي. ڪراچي ۾ پي ايس 114 تي ننڍي چونڊ لاءِ ووٽنگ جو عمل مڪمل ٿيو ، جنهن کانپوءِ ڳڻپ جو عمل شروع ڪيو ويو. پي ايس 114 تي ننڍي چونڊ لاءِ صبح 8 وڳي کان پولنگ جو عمل بنا وقفي جي شام 5 وڳي تائين مڪمل ٿي ويو. چونڊ دوران مختلف پولنگ اسٽيشنز تي پ پ، ايم ڪيو ايم، آزاد اميدوار ۽ پي ٽي آءِ اميدوارن جي حامين ۾ چڪريون پڻ ٿيون. رينجرز چنيسر ڳوٺ ۾ پولنگ اسٽيشن تي جعلي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي الزام هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته يوسي 6 ۾ پولنگ اسٽيشن اندر زبردستي داخل ٿيڻ جي ڪوشش تي  رينجرز ۽ پوليس 11 ڄڻن کي گرفتار پڻ ڪيو. چونڊ دوران، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل محمد سعيد، صوبائي اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻين عملدارن مختلف پولنگ اسٽيشنز جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو. ووٽنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ بعد ووٽن جي ڳڻپ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم اميدوارن ۾ چوٽيءَ جو مقابلو آهي.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *