سنڌ جو وڏو وزير 20 جولاءِ تي ڊرگ روڊ انڊرپاس جو افتتاح ڪندو، سيد مراد علي شاهه ترقياتي اسڪيمن جو جائزو ورتو

ڪراچي (هه آ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هُو 20 جولاءِ تي ڊرگ روڊ انڊرپاس جو افتتاح ڪندو، جنهن لاءِ هن مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ڄام خان شورو کي هدايتون ڏنيون ته انڊرپاس جي افتتاح کي مقرر ڪيل تاريخ تي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪم ڪندڙ ماڻهن جي تعداد ۾ اضافو ڪيو وڃي. هن اها ڳالهه اڄ صبح ڊرگ روڊ انڊرپاس ۽ سب ميرين چورنگي جي دوري دوران ڪئي. ان موقعي تي صوبائي وزير ڄام خان شورو پڻ گڏ هو. وڏي وزير چيو ته ڊرگ روڊ انڊرپاس 662.599 ملين رپين جي لاڳت سان تعمير ڪيو پيو وڃي ۽ اهو شاهراهه فيصل کان جناح ٽرمينل ڏانهن روان ٽريفڪ کي برقرار رکڻ جي حوالي سان اهم رٿا آهي. هن چيو ته شاهراهه فيصل کي توسيع ڏني وئي آهي ۽ بلوچ ڪالوني فلاءِاوور جي ٻيهر تعمير سان ان کي هڪ نئون روپ مليو آهي. هن وڌيڪ چيو ته شاهراهه جي تعمير سان گڏ نئين اسٽريٽ پڻ لڳايون ويون آهن ۽ فٽ پاٿ به نئين تعمير ڪئي پئي وڃي. شهر ۾ داخل ٿيندڙ روڊ جي خوبصورتيءَ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. صوبائي وزير ڄام خان شوري وڏي وزير کي روڊ تي تعمير بابت ٿيندڙ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هن هاڻوڪي برسات جي ترت بعد انڊرپاس جو جنگي بنيادن تي ڪم کي شروع ڪرايو ۽ هاڻي ڏينهن رات ڪم ٿي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اهو منصوبو هن مهيني جي آخر تائين مڪمل ٿي ويندي. وڏي وزير چيو ته هُو 20 جولاءِ تي انڊرپاس جو افتتاح ڪندو، جنهن لاءِ هن صوبائي وزير کي ضروري اپاءَ وٺڻ جي هدايت ڪئي. ڪراچي پئڪيج جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر نياز سومري ۽ پروگرام مئنيجر خالد وڏي وزير کي انڊرپاس جي فني پهلوئن بابت بريفنگ ڏني. هن  وڏي وزير کي انڊرپاس جي نيڪاليءَ واري نظام کي پڻ ڏيکاريو، جنهن ذريعي مينهن جي پاڻيءَ جي فوري طور تي موئثر ريت نيڪالي ٿي سگهندي. انهيءَ کان اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تعمير ٿيندڙ سب ميرين چورنگيءَ انڊرپاس جو دورو ڪيو. اهو انڊرپاس 707 ملين رپين جي لاڳت سان تعمير ڪيو پيو وڃي. جنهن سان بوٽ بيسن کان سن سيٽ بليووارڊ روڊ سگنل فري ٿي ويندو. وڏي وزير بلديات واري وزير کي چيو ته هُو ان انڊرپاس جو آگسٽ جي آخر ۾ افتتاح ڪندو، ان حوالي سان ڪم جي رٿابندي ڪئي وڃي. هن ان منصوبي جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر کي هدايت ڪئي ته هُو نارڪوٽڪس آفيس ڀرسان فوٽ پاٿ جي سائيڊ کي گهٽ ڪري روڊ جي ويڪرائي کي وڌايو وڃي ته جيئن بوٽ بيسن ۽ گذريءَ کان ايندڙ ٽريفڪ کي وڌ ۾ وڌ جاءِ ملي سگهي ۽ ان سان ٽريفڪ جي رواني به بهتر ٿيندي. وڏي وزير سن سيٽ بليووارڊ جو به دورو ڪيو ۽ اتي هڪ فلاءِاوور  جنهن کي گذريءَ کان سن سيٽ بليووارڊ سان ملايو ويندو، ان جي امڪانات جو به جائزو ورتو، اهڙي ريت گذري کان سن سيٽ بليووارڊ ٽريفڪ سگنل فري ٿي ويندي. هن چيو ته مان هڪ ڪنسٽريڪشن انجنيئر آهيان، نقشي جي ذريعي هڪ پل / فلاءِاوور ڪهڙيءَ طرح تعمير ٿيندو آهي ان تي ڪم ٿي سگهي ٿو. هن ڪراچي پئڪيج جي پي ڊي کي هدايت ڪئي ته هُو ان مقصد لاءِ هڪ پلان ترتيب ڏئي. هن چيو ته منهنجي خيال ۾ بوٽ بيسن کان ڪورنگي سن سيٽ بليووارڊ روڊ سگنل فري هئڻ گهرجي. هن چيو ته مان ان پلان تي ڪم ڪري رهيو آهيان ۽ ان سان گڏوگڏ لياري ايڪسپريس وي به جلد کوليو ويندو ۽ اتان هيوي ٽريفڪ جي اچ وڃ بندرگاهه ڏانهن جلد شروع ڪئي ويندي. هن ٽريفڪ پوليس کي به هدايت ڏني ته اهي ان حوالي سان پلان جوڙيو وڃي. هن چيو ته ان سان پنجاب چورنگي ۽ سن سيٽ بليووارڊ تي هيوي ٽريفڪ جي دٻاءَ ۾ گهٽتائي ايندي. 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *