صوبائي گھرو وزير سهيل انور سيال سان چين جي جسٽس ڊپارٽيمينٽ جي وفد جي ملاقات

ڪراچي (اين اين آءِ) صوبائي گھرو وزير سهيل انور سيال سان جمعي تي چين جي جسٽس ڊپارٽمينٽ جي 9 رڪني وفد ان جي آفيس ۾ ملاقات ڪئي جنهنجي قيادت چائنا جي جسٽس ڊپارٽمينٽ جي نائب وزير ليو زنيو ڪئي. جنهن سان گڏ ڪائونسل جنرل چائنا وانگ يو به موجود هيو، ملاقات صوبائي گھرو وزير سان گڏ سنڌ جو هوم سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز ۽ ايڊيشنل آئي جي سي ٽي ڊي ثناءَ الله عباسي ۽ ٻيا به ساڻس گڏ هيا. ملاقات ۾ سي پيڪ ۽ وڌيڪ منصوبن جي حوالي سان سنڌ ۾ رهندڙ چيني ماڻهن جي سيڪيورٽي سميت وڌيڪ اهم معاملا بحث هيٺ آيا. گھرو وزير ان موقعي تي چائنا جسٽس ڊپارٽمينٽ جي وفد سان جيلن ۾ موجود قيدين جي انتظامن کي بهتر بنائڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻول ڪئي. ان موقعي تي گھرو وزير ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت جي اهم ترجيحن مان هڪ اهم منصوبو صوبي ۾ موجود پرڏيهي ماڻهن جي سيڪيورٽي ۽ تحفظ آهي، جنهن ۾ پهريان ئي سنڌ پوليس ۽ اسپيشل برانچ کي حڪم جاري ڪيا ويا آهن. جيلن ۾ موجود اهلڪارن جي تربيت تي سهيل انور سيال چيو ته سنڌ حڪومت صوبي جي سمورن جيلن ۾ آفيسر اهلڪارن کي جديد طريقن سان آگاهي لاءِ اسپيشل ٽريننگ ۽ سيشنز جو انتظام ڪري رهي آهي. جنهن سان انهن جي قابليت ۾ واڌ ٿيندي. ميٽنگ جي پڄاڻي تي گھرو وزير پاران وفد جي شريڪ ٿيندڙن جي اچڻ تي انهن جا ٿورا مڃيا ۽ سنڌ جي روايتي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي جا تحفا به پيش ڪيا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *