نواز شريف کي دشمنن جي ضرورت ناهي، ساٿي ئي ڪافي آهن: ناصر حسين شاهه

سکر(بيورو ) سڌ سماءَ واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف دشمنن جي ضرورت ناهي، پنهنجا ساٿي ئي ڪافي آهن. سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ جو گورنر محمد زبير مسلم ليگ ن جي مهم هلائي رهيو آهي، کيس سنڌ جي معاملن کي اهميت ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جلد سکر جو دورو ڪندو. سندس چوڻ هو ته مريم نواز مون کي پنهنجي ڀيڻ وانگر آهي، سندس تمام گهڻي عزت ڪندو آهيان. ناصر شاهه چيو ته پ پ ڇڏيندڙن کي وڃڻ جو حق حاصل آهي. ناصر حسين شاهه چيو ته وزيراعظم نواز شريف سان گڏ گهر جا چور آهن جيڪي جي آءِ ٽي کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته پاناما ليڪس کي سازش قرار ڏيندڙ پنهنجي خلاف سازشون ڪري رهيا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *