دوشنبي(م ڊ) وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارت طرفان انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي جاري آهي، عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي پاليسين کي رد ڪري. وزير اعظم محمد نواز شريف ۽ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان وچ ۾ ون آن ون ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻطرفي ۽ ٻين معاملن تي خيال ڪيو ويو. ان موقعي ت وزير اعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان سمورين پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو، ڀارت سان ڄمو ڪشمير سميت سمورن تڪرارن جو پرامن حل چاهيون ٿا پر بدقسمتي سان اسان مثبت ڪوششن جو ڀارت جواب ناهي ڏنو. ڀارت والاريل ڪشمير سان دنيا جو ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڇڪتاڻ وڌائي. هن وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ سلامتي پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. ايس سي او ۾ رڪنيت جي لاءِ تاجڪستان جي حمايت تي ٿورائتا آهيون، تاجڪستان سان لاڳاپن کي مختلف شعبن ۾ وسعت ڏيڻ چاهيون ٿا ڇو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار جا وسيع موقعا آهن.