اسلام آباد( بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مريم نواز کي سرڪاري پروٽوڪول ملڻ سمجهه کان ٻاهر آهي ۽ پاڪستاني قوم کي جمهوريت ۽ بادشاهت مان ڪنهن هڪ کي چونڊڻو پوندو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته عام شهري جي لاءِ مريم نواز کي سرڪاري پروٽوڪول ملڻ سمجهه کان ٻاهر آهي، مريم نواز مجرماڻي جاچ ۾ جي آءِ ٽي جي سامهون پيش ٿي ۽ پوليس انهن کي سليوٽ ڪري رهي آهي.