ڪراچي (م ڊ): سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اطلاعات کاتي ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ شرجيل انعام ميمڻ سميت ٻين جوابدارن جي ضمانت ۾ 16 آگسٽ تائين جي واڌ ڪري ڇڏي آهي، سنڌ هائي ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ سڌ سماء واري کاتي ۾ 5 ارب کان وڌيڪ کي ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي ، عدالت ۾ ٻڌڻي دوران اڳوڻي صوبائي وزير سميت ٻيا ڏوهاري عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت نيب کان جوابدارن خلاف ڪيس جي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي، ٻڌڻي ۾ جوابدارن جا وڪيل پيش نه ٿيا، جنهن سبب عدالت شرجيل انعام ميمڻ، ذوالفقار علي شالواڻي، يوسف ڪابورو سميت ٻين جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ 16 اگست تائين واڌ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.