پ پ ڪريل حرڪتن تي لهي آئي آهي: فاروق ستار
July 6, 2017 at 7:20 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي (م ڊ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه فاروق ستار چيو آهي ته پ پ ڪريل حرڪتن تي لهي آئي آهي، پي ايس 114 جي ضمني چونڊن ۾ ڪامران ٽيسوري ئي ڪامياب ٿيندو. صحافين سان ڳالهائيندي فاروق ستار جو چوڻ هو ته اسان کي آر اوز ۽ ٻئي عملي جي تفصيلن کان آگاهه ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس به ڪارڪنن کي هراسان ڪري رهي آهي. هن چيو ته مڪ مڪا جي نتيجي ۾ اسان جي اپيل کي رد ڪيو ويو، 30 هزار کان وڌيڪ ووٽ ضايع ڪيا پيا وڃن. فاروق ستار جو چوڻ هو ته اسان کي چونڊ مهم نه پئي هلائڻ ڏني وڃي، سڌو سنئون چيو ويو آهي ته چنيسر ڳوٺ ۾ ايم ڪيو ايم چونڊ مهم نٿي هلائي سگهي. متحدا سربراهه چيو ته ڪامران ٽيسوري ايم ڪيو ايم جو اميدوار آهي، 9 جولاءِ تي ووٽرن کي حقيقي نمائندو ملندو.27