وفاقي حڪومت سنڌ کي 493 بلين رپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو پر رڳو 440 بلين مليا: وڏو وزير

ڪراچي (م ڊ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ کي 493 بلين رپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو پر سال پورو ٿيڻ بعد رڳو 440 بلين مليا، هو امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ هن سال 90 بلين رپيا خرچ ڪندا، ڪراچي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان سينيٽ چيئرمين رضا رباني، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ ٻين ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ سال ۾ هڪ ڀيرو صوبائي وزيرن طرفان سينيٽ جي اجلاس کي خطاب ڪرڻ بابت غور ويچار ڪيو ويو، وزيراعليٰ هائوس طرفان جاري ڪيل بيان موجب سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو ته اهڙي طريقي سان صوبن ۽ وفاق وچ ۾ مسئلن کي سينيٽ ذريعي بحث ۾ آڻڻ ۽ حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي، رضا رباني چيو ته صوبن ۽ وفاق وچ ۾ معاملن کي سينيٽ جي ڪميٽين ذريعي حل ڪيو ويندو، ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي  سينيٽ چيئرمين جي تجويزن جي تعريف ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت سينيٽ چيئرمين جي صوبن ۽ وفاق وچ ۾ مسئلن کي گهٽائڻ واري ڪوششن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي، سيد مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت  طرفان سنڌ کي 493 بلين رپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو پر سال پورو ٿيڻ بعد رڳو 440 بلين ڏنا ويا، هن چيو ته وقافي حڪومت جي اهڙي ڪمينٽمنٽ سان سنڌ کي 53 ملين گهٽ مليا، سندس چوڻ هو ته هو هن سال صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ 90 بلين رپيا خرچ ڪندا، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هنن پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اونر شپ ڏني.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *