فيصلو خلاف آيو ته پوءِ به احتجاج جي لاءِ نه نڪرنداسين: سعد رفيق

لاهور (م ڊ): مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته عدالت جو فيصلو مسلم ليگ ن جي خلاف به آيو ته رستن تي احتجاج لاءِ نه نڪرنداسين، نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي سعد رفيق جو چوڻ هو ته 2018 تائين اقتدار جو مدو پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، هن چيو ته زرداري حڪومت جو مدو پورو ڪرائڻ ۾ تڪليفون برداشت ڪري سگهي ٿو ته پنهنجي حڪومت جو به هڪ هڪ منٽ پورو ڪرڻ چاهيون ٿا پر نقصان رڳو اسان جو نه عمران خان جو به ٿيندو، ان جي خلاف به/ عدالتن ۾ ڪيس آهن، ريلوي واري وفاقي وزير سعد رفيق وڌيڪ چيو ته 2018 کان اڳ چونڊن ۾ وڃڻو پئجي ويو تڏهن به ڪا پريشاني ناهي، 4 سالن کان واريءَ ۾ پاڻي ناهي وڌو، ڪم ڪيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *