اسان کان ڪيل سوال 2 ٻڌڻين جا هيا، 6 ٻڌڻين جي ضرورت نه هئي: حسين نواز

اسلام آباد (بيورو): وزيراعظم نواز شريف جو پٽ حسين نواز جي آءِ ٽي ۾ پنج ڪلاڪ ٻڌڻي بعد ٻاهر اچي ويو، ميڊيا سان ڳالهائيندي حسين نواز چيو ته اوهان ماڻهن جي هتي اچڻ تي اوهان جي محبت کي ساراهيان ٿو، منهنجو ۽ فيملي جو فيصلو هيو ته اسان جي آءِ ٽي سان ڀرپور سهڪار ڪنداسين، هن چيو ته اسان جي خاندان جو فيصلو هيو ته جي آءِ ٽي سان سهڪار ڪنداسين، هن چيو ته اسان کان ڪيل سوال 2 ٻڌڻين جا هيا، 6 ٻڌڻين جي ضرورت نه هئي، جڏهن ڪنهن جو وجود ئي نه هجي ته ان جو ثبوت ڪٿان ملندو، اڄ ڇهون ڀيرو جي آءِ ٽي سامهون پيش ٿيو آهيان، جي آءِ ٽي رپورٽ مڪمل ڪري سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪندي، حسين نواز چيو ته جيڪا ڳالهه پهرين ڏينهن چئي هئي، اڄ به ان تي قائم آهيان، جڏهن ثبوت ناهي هوندو ته ڪنهن جي خلاف ڪارروائي ناهي ٿي سگهندي، اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته عوامي مينڊيٽ کي زبردستي رد ڪيو وڃي ته ان جي اجازت نه ڏيو، مون کي خبر ناهي ته هتي هن وقت ڪهڙا معاملا هلي رهيا آهن، هن چيو ته جيڪڏهن اوهان آئين جي خلاف ڪم ڪيو، اهو نه سوچيو ته بچي ويندئو، منهنجي علم ۾ ناهي ته جي آءِ ٽي جا ميمبر قطر ويا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *