ڪراچي(هه آ) سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير سيد ناصر شاھ چيو آهي ته سنڌ حڪومت دهشتگردن جي سرپرست ناهي ڪئي پر ڪراچي مان دهشتگردن جو صفايو ڪيو آهي. ڪراچي ۾ امن امان سنڌ حڪومت ۽ سڪيورٽي ادارن جي ڪوششن جي ڪري ئي آيو آهي. اها ڳالھ هن اڄ سنڌ اسيمبلي ۾ پنهنجي خطاب دوران ڪئي. هن چيو ته ڪراچي آپريشن جو سمورو خرچ به سنڌ حڪومت برداشت ڪري رهي آهي ۽ ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ پوليس کي جديد طريقن تي هلائڻ جو سلسلو به سنڌ حڪومت ئي شروع ڪيو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي بيوروڪريسي سنڌ حڪومت جي هدايت تي ڪم ڪري رهي آهي ڪنهن به لٽيري ۽ دهشتگردن تي نه، اڄ اسان تي تنقيد ڪندڙ اهو ٻڌائين ته هنن ڪراچي لاءِ ماضي ۾ ڇا ڪيو؟ سيد ناصر حسين شاھ چيو ته ڪراچي وارا انهن جي اصليت ڄاڻين ٿا ان ڪري ڪراچي ان چور جي ملين مارچ کي رد ڪري ڇڏيو هو. ماضي ۾ گجر نالي سميت شهر جي ٻين نالن تي قبضا قائم ٿيڻ کي روڪيو وڃي ها ته اڄ اهڙي صورتحال نه هجي ها. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ۽ بلديات کاتي گجر نالي، محمودآباد ۽ پچر نالي سميت سمورن نالن تان قبضن جو خاتمون ڪرايو آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ تازي برساتن کان پوءِ وزير اعليٰ سنڌ پاڻ بلديات واري وزير سميت سنڌ حڪومت جي پوري مشينري حرڪت ۾ اچي وئي هئي. اطلاعات واري صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ۽ بلديات کاتي جي ڪوششن سان 24 ڪلاڪن جي اندر اندر شهر جي سمورين شاهراهن تان پاڻي جو نيڪال ممڪن ٿيو. اسان تي تنقيد ڪندڙ ماضي ۾ پنهنجي ڪارڪردگي جو جائزو وٺن انهن ڪراچي شهر کي ڪنهن حد تي پهچايو هو. هن چيو ته سنڌ حڪومت عوام جي خدمت ڪري رهي آهي ۽ ڪندي رهندي. ڪنهن به قسم جي تنقيد اسان جو رستو نٿي روڪي سگھي.