سيد صلاح الدين بابت آمريڪي فيصلو قبولڻ ضروري ناهي: سرتاج عزيز

اسلام آباد( بيورو ) وزيراعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته ڀارت سان ڪشمير کانسواءِ ڳالهيون نه ٿينديون، سيد صلاح الدين بابت آمريڪا جي فيصلي تي عمل ڪرڻ ضروري ناهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سرتاج عزيز چيو ته والاريل ڪشمير جي وڏي اڪثريت ڀارت سان گڏ رهڻ نه ٿي چاهي. هن چيو ته ڪشمير مسئلو اسان لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، رڳو نظر نه ٿي رکي سگهجي. سندس چوڻ هو ته ڪشمير جي تحريڪ هڪ عظيم جدوجهد آهي جيڪا مقامي آهي. وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته   گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير کي اختيار ڏنا ويا آهن. هن چيو ته ڪشميري عوام کي عالمي برادري جي ڀرپور حمايت حاصل آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي آزادي واري جدوجهد جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. سرتاج عزيز چيو ته ڀارت بندوق جي زور تي ڪشمير تي قبضو ڪيو آهي، ڀارتي ميڊيا ناڪاري واويلا ڪري رهي آهي. هن چيو ته سيد صلاح الدين بابت فيصلو گڏيل قومن نه پر آمريڪا جو آهي جيڪو قبولڻ ضروري ناهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *