سنڌ اسيمبلي ۾ نيب جي خاتمي جو بل منظور، مخالف ڌر جو سخت احتجاج

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ): سنڌ سرڪار، صوبي ۾ ڪرپشن کي کليل ڇوٽ ڏيڻ جو بل منظور ڪرائي ورتو آهي ، سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر، نيب جي خاتمي جو بل منظور ڪرڻ خلاف سخت احتجاج ڪيو، سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ مختلف معاملن تي بحث بعد ضيا الحسن لنجار، نيب جي خاتمي جو بل ايوان ۾ پيش ڪيو، صوبائي وزير ضياءَ الحسن لنجار جو چوڻ هو ته صوبائي معاملن ۾ نيب مداخلت نٿي ڪري سگهي،ان کي سياسي انتقام لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، هن چيو ته هو عوام کي فيئر ٽرائل ڏيڻ چاهين ٿا، نيب قانون شروع کان ئي غير قانوني آهي، جيڪو ڪارو قانون آهي، جنهن مان فاروق ستار به متاثر ٿيو، صوبائي وزير چيو ته پ پ جي ڪوشش آهي ته صاف شفاف ۽ اڻڌريو احتساب جو نظام اچي، نيب قانون بابت سپريم ڪورٽ به رمارڪس ڏيندي رهي آهي، سندس چوڻ هو ته صوبي ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ 30 ڏينهن ۾ نئون قانون آندو ويندو ۽ احتساب لاءِ صوبائي ادارو بڻايو ويندو، ضياءَ الحسن لنجار چيو ته هو نٿا چاهين ته سياسي بنيادن تي ڪنهن خلاف چوري جو ڪيس داخل ٿئي، ايم ڪيو ايم اڳواڻ سيد سردار احمد چيو ته ڇا صوبائي حڪومت، وفاقي قانون ختم ڪري وفاق کان ڌار ٿيڻ چاهي ٿي، هن چيو ته پ پ 5 سال وفاق ۾ رهي ان وقت ڪجهه ڇو نه ڪيو ويو، سردار رضا چيو ته نيب کي ختم ڪري ڪرپشن کي هٿي وٺرائي ويندي، جنهن تي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته اوهان سان ڪجهه ٿيندو ته اوهان کي خبر پوندي، آغا سراج دراني چيو ته هن 16 مهينا نيب جي قانون کي منهن ڏنو ان جو کيس ڪير حساب ڏيندو، اوهان جو ليڊر فاروق ستار ان جو شاهد آهي، نيب جي خاتمي واري بل جي منظوري دوران مخالف ڌر اسپيڪر جي ڊائيس آڏو سخت احتجاج ڪيو، مخالف ڌر طرفان شرم ڪريو، ٻڏي مرو جا نعرا هنيا ويا، جنهن سبب ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو، سنڌ سرڪار مخالف ڌر جي گوڙ جو فائدو وٺندي نيب کي ختم ڪري صوبي ۾ ڪرپشن کي ڇوٽ ڏيڻ وارو بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *