ملتان ۾ مسافر وين ۾ باهه لڳي وئي، 6 ڄڻا سڙي فوت، 24 زخمي

July 2, 2017 at 11:22 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ملتان (م ڊ): ملتان ۾ هيڊ محمد والا ويجهو مسافر وين ۾ باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 24 زخمي ٿي پيا، ريسڪيو ذريعن موجب مسافر وين ۾ باهه گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب لڳي، زخمين کي نشتر اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي، ريسڪيو ذريعن موجب مسافر وين چوڪ سرور کان ملتان اچي رهي هئي، ان ۾ 28 مسافر سوار هئا، جنهن ۾ هيڊ محمد والا ويجهو ان کي باهه وڪوڙي وئي.

اي پيپر