شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پيغام کي وڌ کان وڌ ڦهلائڻ جي ضرورت آهي: گورنر سنڌ

ڪراچي(هه آ) سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو ته گورنر هائوس جا دروازا پ پ پ، پي ٽي آءِ ۽ ٻين سمورن سياسي جماعتن لاءِ کليل آهن ۽ صوبي جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڳالهه ڪرڻ سياست ناهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ ڀا/نوٽ ضلع مٽياري ۾ مسلم ليگ ن جي رهنماءَ شاهه زمان شاهه پاران ڏنل مانجهاندي جي دعوت جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته صوبي ۾ پيدا ٿيل احساس محرومي جي خاتمي لاءِ ڪوشش ڪئي ويندي. هن ٻڌايو ته وزير اعظم محمد نواز شريف ڪجهه مهينن ۾ سنڌ جا ست دورا ڪيا آهن ۽ صوبي کي ترقي ڏئي ڪري ٻين صوبن جي برابر ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته وزيراعظم جلد سنڌ صوبي جو دورو ڪندو ۽ صوبي لاءِ ترقياتي پيڪيجز جو پڻ اعلان ڪندو. هن چيو ته پهريان صرف ڏهن منٽن جي نوٽس تي پورو ڪراچي بند ٿيندو ۽ دهشتگردي سبب معاشي سرگرميون خراب نموني سان متاثر ٿيون هيون. هن چيو ته هاڻي ڪراچي جي صورتحال ڪافي بهتر آهي ۽ معاشي سرگرميون تيزي سان جاري آهن جنهن سان روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا. هن چيو ته وفاقي حڪومت جي ڪوشش آهي ته هتي وڌ کان وڌ سرماياڪاري ٿئي. ان کان اڳ سنڌ جي گورنر محمد زبير ڀٽ شاهه ضلع مٽياري ۾ درگاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. گورنر سنڌ ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ماڻهو شاهه سان ڏاڍي عقيدت رکن ٿا ۽ روزانو سوين زائرين شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي امن ۽ سلامتي واري پيغام کي هٿي وٺرائڻ  جي شديد ضرورت آهي.ان کان پوءِ گورنر سنڌ مزار جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف طرفان گورنر سنڌ کي درگاهه متعلق تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي. گورنر سنڌ محمد زبير ڀٽ شاهه ٽائون ڪميٽي جو به دورو ڪيو. ان موقعي تي سنڌ مسلم ليگ ن جي مقامي رهنماءَ شاهه زمان شاهه ، ديدار حسين شاهه، گل حسن راجپوت، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد سعيد احمد مگڻيجو، ڊي سي مٽياري پرويز احمد بلوچ ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ ان موقعي تي موجود هئا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *