ڪراچي (م ڊ) پي ايس 114 تي پ پ اميدوار سعيد غني چيو آهي ته متحدا جو ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ ايم پي ايز چونڊ مهم دوران مداخلت ڪري رهيا آهن. ڪراچي ۾ جمعيت علماءِ پاڪستان نوراني گروپ جي صدر شاهه اويس نوراني سعيد غني جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اعلان کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته پي ٽي آءِ اميدوار ڏسڻ ۾ شريف انسان لڳي ٿو پر تڪ ۾ حرڪتون سٺيون نه اٿس. ميڊيا ۾ ڪجهه خبرون هلي رهيو آهن ته پيپلز پارٽي سرڪاري مشينري جو استعمال ڪري رهي آهي پر انهن ۾ ڪا به صداقت ناهي. سندس چوڻ هو ته چونڊن ۾ مخالفن کي ناڪامي نصيب ٿيندي، چونڊ هارائڻ کانپوءِ مخالف رڳو روئيندا نه پر رڙيون به ڪندا. ان موقعي تي جي يو پي اڳواڻ شاهه اويس نوراني چيو ته پي ايس 114 تي هو سعيد غني جي حمايت جو اعلان ڪن ٿا. ماضي ۾ ڪراچي جو مينڊيٽ پ پ، جمعيت علماءِ پاڪستان ۽ جماعت اسلامي وٽ هو، جنهن کي زبردستي کسيو ويو. سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽيءَ جي ڪارڪردگي بهتر نه رهي آهي پر سعيد غني شريف ماڻهو آهي، جنهن ڪري سندس حمايت ڪيون ٿا.27