ڀاڄي ۾ روزاني 2 ڀيرا ڪڪڙ تشدد کان گهٽ نه هو، شاهه محمود قريشي آزادي جي مخالفت ڪئي: ريمنڊ ڊيوس

واشنگٽن( م ڊ ) آمريڪي جاسوس ريمنڊ ڊيوس طرفان پنهنجي ڪتاب ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشافن جو سلسلو جاري آهي. ريمنڊ ڊيوس پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته قيد دوران روزاني ڪڪڙ جي ڀاڄي کارائڻ ڪنهن تشدد کان گهٽ نه هو،  24 ڪلاڪ بلب ٻريل هئڻ سبب سمهڻ ۾ ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پوندو هو. سندس چوڻ هو ته کيس نه گرم پاڻي ڏنو ويندو ۽ نه وري هيٽر، سرد راتين ۾ رت ڄمائڻ جهڙي سدي جو منهن ڏٺو، مون تي ڪڏهن به تشدد نه ڪيو ويو.  ريمنڊ ڊيوس چيو ته هڪ وقت تي پنهنجي آزادي بابت مايوس ٿي ويو هيس ۽ محسوس ٿيو ته پنهنجي ماڻهن کيس وساري ڇڏيو آهي، هو پنهنجي پٽ کي ڪڏهن به ڏسي نه سگهندا.  هن چيو ته ڪيس شرعي عدالت ۾ وڃڻ جي ڳالهه تي خوف هو ته مون کي سنگسار يا منڍي لاٿي ويندي، خون بها بابت ڪابه خبر نه هئي. سندس چوڻ هو ته تنهن وقت جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سفارتي ڇوٽ ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ دوست جهڙو ورتاءُ نه ڪيو.ريمنڊ ڊيوس چيو ته شاهه محمود قريشي مون کي سفارتي ڇوٽ ڏيڻ بدران پنهنجي موقف تي قائم رهيو ۽ پرڏيهي وزارت جي عهدي جي عهدي تان استعيفيٰ ڏني.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *