حب (رپورٽر) بلوچستان ۾ پيل برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي. حب جي ڍورو نالي ۾ ٻوڏ ڪري 15 ماڻهو ٻڏي ويا جن مان 11 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن.آواران مليشيا جي ڪمانڊنٽ ڪرنل جنيد جي درخواست تيپاڪستان نيوي جي ماهر ٽوٻن حب پهچي پي ايڇ اي جي تلائن ۾ ٻوڏ سبب لڙهي ويل 4 گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ ريسيڪيو آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ هڪ عورت جو لاش هٿ ڪيو ويو. جڏهن ته ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر حب نعيم گچڪي چيئرمين ميونسپل ڪارپوريشن حب رجب علي رند ڪمانڊنٽ حب 66 ونگ ليفٽِننٽ ڪرنل اظهر محمود سميت پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا آفيسر ۽ اهلڪار وڏي انگ ۾ موجود هئا. ڊي جي پي ڊي ايم اي چيو آهي ته حب ۾ متاثرن لاءِ ڪئمپون لڳايون ويون آهن. 15 ڄڻا ٻڏي ويا هئا. 11 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا، جڏهن ته جنگي ڳوٺ ويجهو ٻوڏ جو پاڻي وسندي ۾ داخل ٿي ويو، جنهن سان ڪيترائي ڪچا گهر تباهه ٿي ويا، هوڏانهن لورالائي ۽ ڊي جي خان شاهراهه ٻوڏ وهڪرن سبب ڪيترن ئي هنڌن تي بند ٿي وئي، ڪيتريون ئي گاڏيون ڦاسي پيون. جڏهن ته بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ تيز هوا سان برسات جو سلسلو جاري آهي. زوب ۾ ڪوهه سلطان جي پهاڙي سلسلن تي طوفاني برسات سان ندي نالن ۾ چاڙهه اچي ويو آهي. موسيٰ خيل ۾ به برسات تباهي مچائي آهي.0230