مولانا فضل رحمان پارٽي جي جنرل ڪونسل جو اهم اجلاس 8 ۽ 9 جون تي طلب ڪري ورتو
July 1, 2017 at 7:11 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
لاهور (اين اين آءِ) جمعيت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل رحمان پارٽي جي جنرل ڪونسل جو اهم اجلاس 8 ۽ 9 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو آهي جنهن ۾ ملڪي ۽ بين الاقوامي صورتحال تي غور ڪيو ويندو ۽ ايندڙ عام چونڊن جي تياري لاءِ صوبن جي رپورٽ تي اهم فيصلا ڪيا ويندا. اها ڳالهه جي يو آءِ جي وقتي سيڪريٽري جنرل مولانا محمد امجد خان جمعي جي ميڙ کي خطاب کانپوءِ پارٽي اڳواڻن ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪئي. هن ٻڌايو ته اجلاس جي شروعات 8 جولاءِ تي صبح ڏهين وڳي ٿيندي، هن چيو ته ڪارڪن عام چونڊن لاءِ تيار رهن، جڏهن ته جي يو آءِ سياست جي ميدان کي سيڪيولر قوتن لاءِ خالي نه ڇڏيندي، هن چيو ته ملڪ کي عدم استحڪام جو شڪار بڻائڻ ۽ ترقي طرف وڌڻ نه ڏيڻ ۽ مسلمانن کي اسلام کان پري ڪرڻ دشمنن جو منصوبو آهي، ان منصوبي جو مقابلو اسلام جي ٻڌي ۽ اتحاد واري پيغام سان ئي ڪري سگهجي ٿو، هن چيو ته عالمي سازشيون کي اقتصادي راهداري جو منصوبو پاڪستان جي ايٽمي پروگرام وانگر برداشت نه ٿي رهيو آهي پر جنهن نموني پاڪستان ايٽمي طاقت بڻيو اهڙي ئي نموني سي پيڪ منصوبي کي مڪمل ڪيو ويندو جنهن سان ملڪ ترقي ڪندو.