نواز شريف سنڌ جي عوام سان ڪا به دلچسپي ناهي: نثار کهڙو
June 30, 2017 at 3:05 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
لاڙڪاڻو (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته نوازشريف جي سنڌ جي عوام سان ڪا به دلچسپي ناهي ۽ پي ٽي آءِ جو سنڌ ۾ ڪو به سياسي مستقبل ناهي، پي ٽي آءِ 58 ٽوبي ۽ امپاير جي اشاري واري تبديلي چاهي ٿي پر هاڻي آئين ۾ چور دروازي کان تبديليءَ کي هميشه لاءِ روڪيو ويو آهي آمر پرويز مشرف جيريفرينڊم جو حامي عمران خان پي ٽي آءِ ۾ لوٽا شامل ڪري جيڪا تبديلي آڻي چڪو آهي اها سڀني جي سامهون آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي لاڙڪاڻي شهر جي ترقياتي اسڪيمن بابت يوسي چيئرمينن جي اجلاس جي صدارت ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي ميئر لاڙڪاڻو محمد اسلم شيخ ۽ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڪاشف ٽيپو پڻ موجود هيا. ان موقعي تي لاڙڪاڻي شهر ۾ ترقياتي ڪمن ۽ اسڪيمن بابت جائزو وروتو ويو. هن يو سي چيئرمينن کي هدايت ڪندي چيو ته لاڙڪاڻي ۾ جن يوسيز ۾ ڊرينيج ۽ گهٽين ۾ پيور ۽ سي سي بلاڪ جا ڪم نه ٿيا آهن انهن علائقن جون فوري طور اسڪيمون ڏنيون وڃن ته جيئن شهر جي هر يوسيءَ ۾ سڀئي ترقياتي ڪم مڪمل ڪرائي سگهجن. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ميئر لاڙڪاڻو پاران نثار احمد کهڙي کي شهر ۾ ترقياتي ڪمن بابت بريفنگ ڏني وئي. نثار احمد کهڙي ميڊيا سان ڳالهائيندي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته آمرن جا حامي چور دروازي ذريعي تبديليءَ جا خواب ڏسي رهيا آهن پر ايندڙ چونڊن ۾ عوام ووٽ ذريعي بلاول ڀٽو جي صورت ۾ تبديلي آڻي ڇڏيندو ۽ عام چونڊن ۾ پيپپلز پارٽي پنجاب ۾ مسلم ليگ ن ۽ پي ٽي آءَ جو ڀرپور مقابلو ڪندي. نثار کهڙو چيو ته جيڪو پنهنجو گهر نه ٿو سنڀالي سگهي اهو ملڪ سنڀالڻ جي ڪڏهن به اهل نه ٿو ٿي سگهي.هن چيو ته زالن کي ڇڏي ڏيندڙ عمران خان جهانگير ترين کان الڳ نه ٿو ٿي سگهي ان راز جي جواب بابت قوم منتظر آهي ۽ عمران خان قوم کي ٻڌائي ته هو جهانگير ترين جي ڪري زالن جي ته ڇڏي سگهي ٿو پر جهانگير ترين کي ڇو نه ٿو ڇڏي سگهي. هن چيو ته نواز شريف سنڌ کي پنهنجا حق نه ڏئي سنڌ جي عوام کان ووٽ نه ملڻ جو بدلي وٺي رهيو آهي ان لاءِ ملڪ ۾ هاڻي لاڙڪاڻي ۽ لاهور جي بنياد تي فيصلا ٿيڻ جي روش ختم ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته جڏهن ڏکيو وقت ايندو آهي ته شريف برادران پيپلز پارٽيءَ جا پير پڪڙيندا آهن ۽ جڏهن ڏکي صورتحال مان نڪري ايندا آهن ته هو اکيون ڏيکاريندا آهن. هن چيو ته ماضيءَ نواز شريف جيل ۾ مڇرن جي ڊپ کان آمر پرويز مشرف سان 10 سالن جو معاهدو ڪري ملڪ مان ڀڄي ويو هو ۽ اها پيپلز پارٽي ئي هئي جنهن شريف برادارن کي ملڪ واپس آندو ۽ شريف برادران جي ملڪ ۾ موجودگي ۽ سياست شهيد بينظير ڀٽو جي مرهون منت آهي. هن چيو ته عدالتن تي حملا ڪرڻ ن ليگ جو وطيرو رهيو آهي ۽ هاڻي ن ليگ پانام ڪيس ۾ جي آءِ ٽي کي حراس ڪري ان تي اثر انداز ٿيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي ڇاڪاڻ ته هو پانام ڪيس ۾ بند گهٽي ۾ ڦاسي چڪا آهن پر عدالت جي آءِ ٽي ٺاهي شريف برداران کي وقت فراهم ڪري رهي آهي ۽ لڳي رهيو آهي ته جي آءِ ٽي پڻ پانامه جي مني ٽريل ڳولهڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي رهي آهي پر قوم انصاف ڀري فيصلي جي منتظر آهي ۽ پيپلز پارٽيءَ جي وزيراعظم لاءِ هڪڙا ۽ ن ليگ جي وزيراعظم بابت ٻيا فيصلا نه هجڻ گهرجن ۽ فيصلو انصاف تي مبني هجڻ گهرجي. هن هڪ چيو ته وفاقي حڪومت پاران سي پيڪ منصوبي کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جو تاثر موجود آهي، سي پيڪ منصوبي تي 50 ارب ڊالر خرچ ٿيندا پر اهو نه پيو ٻڌايو وڃي ته سي پيڪ ۾ سنڌ سميت ننڍن صوبن جو ڪيترو حصو هوندو.رڙيون ۽ احتجاج ڪرڻ کان پوءِ سنڌ جي ڪيٽي بندر ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبي کي سي پيڪ جو حصو بڻايو ويو پر سنڌ ۾ هوا ۽ ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ جا موقعا موجود هجڻ باوجود وفاقي حڪومت انهن منصوبن کي سي پيڪ جو حصو نه بڻائي سنڌ کي قومي مالياتي ايوارڊ ۾ پنهنجو پورو حصو نه ڏيڻ سميت ٻين منصوبن ۾ نظر انداز ڪري رهي آهي. هن چيو ته صوبن کي حقن کان محرم ڪرڻ جي ذميدار ن ليگ جي وفاقي حڪومت آهي پر سنڌ صوبو پنهنجي حقن کان دستبردار نه ٿيندو. هن چيو ته سنڌ جي عوام آمرن سان مهاڏو اٽڪايو ۽ هاڻي به وفاقي حڪومت جي زياديتن کي برداشت نه ڪيو ويندو ۽ وفاقي حڪومت جي ڪرتوتن کي عوام آڏو آڻيندارهنداسين ۽ قوم کي ڪوڙن حڪمرانن مان نجات ڏيارينداسين. نثار کهڙو چيو ته ن چيو ته سنڌ جي عوام کي بجلي چور چوندڙ عابد شير علي پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ بجليءَ چوريءَ جي سرپرستيءَ ۾ ملوث آهي ۽ هاڻي پوري دنيا ڏسي رهي آهي ته ملڪ جي ڪر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪنهن کي چور چوڻ جا نعرا لڳي رهيا آهن. هن چيو ته وفاقي حڪومت نندي پور پاور منصوبي تي اربين رپيا خرچ ڪيا پر بجليءَ جي پيداوار زيرو آهي ۽ ملڪ ۾ 6 کان 7 هزار ميگا واٽ بجليءَ جو شارٽ فال آهي پر وفاقي حڪومت بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم نه کڻي رهي آهي.