پارا چنار ۾ هڪ ٻئي پٺيان 2 ڌماڪا، 15 ڄڻا مارجي ويا، 70 کان وڌيڪ زخمي

پاراچنار (م ڊ): پارا چنار جي طوري بازار ۾ 2 بم ڌماڪن ۾ 15 ڄڻا مارجي ويا ۽ 70 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، پوليٽيڪل عملدارن بم ڌماڪن ۽ مارجي ويلن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته سڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي، نجي ٽي وي موجب ماڻهو عيد ۽ افطار جي خريداري ۾ مصروف هئا ته پهريون ڌماڪو ٿيو، جنهن جو آواز 10 ڪلوميٽرن تائين ٻڌو ويو، جڏهن ته ٻئي جو آواز ٿورو گهٽ هيو، طوري بازار ۾ بم ڌماڪن جو اطلاع ملندي جي امدادي سرگرميون تيز ڪندي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، جتي زخمين ۽ لاشن جي منتقلي جو عمل جاري آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *