دهشتگردي خلاف عالمي جنگ ۾ پاڪستان پهرين صف جو ملڪ آهي: چين

بيجنگ (م ڊ): چين عالمي برادري کي چيو آهي ته پاڪستان يج دهشتگردي ٽوڙ ڪوششن جو اعتراف ۽ حمايت ڪئي وڃي، ڇو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف عالمي جنگ ۾ پاڪستان پهرين صف جو ملڪ آهي، چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان زن زانگ بيجنگ ۾ هڪ پريس بريفنگ دوران چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۽ علائقائي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جڏهن ته علائقائي سلامتي ۽ استحڪام ۾ بهتري ۽ ان کي يقيني بڻائڻ لاءِ پاڪستان ۽ افغانستان کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبو ڊگهي مدي واري ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار جي نئين حڪمت عملي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *