مون چيو هو ته جي آءِ ٽي ۾ پيش به ٿيندس ۽ رڪارڊ به ڏيندس: رحمان ملڪ

اسلام آباد (بيورو): اڳوڻي وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ چيو آهي ته اضافي شاهديون به جي آءِ ٽي کي ڏئي ڇڏيون آهن، رحمان ملڪ نه ڊنو آهي ۽ نه ئي ڊڄڻ وارو آهي، هن چيو ته مون چيو هو ته جي آءِ ٽي ۾ پيش به ٿيندس ۽ رڪارڊ به ڏيندس، رحمان ملڪ چيو ته هاڻي جيڪڏهن ڪنهن منهنجو نالو آف شور ڪمپني جي حوالي سان ورتو ته عدالت گهلي ويندس، مون کي يقين آهي ته جي آءِ ٽي ۾ موجود ماڻهو انصاف ڪندا، رحمان ملڪ چيو ته جي آءِ ٽي تي مڪمل اعتماد آهي، ان ۾ پروفيشنل ماڻهو آهن، مون سمورن پيپلز پارٽي ليڊرز کي چيو ته اهو سڀ ڪجهه مون کي اڪيلي کي ڪرڻ ڏيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *