اسلام آباد (بيورو): پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته بابر اعواڻ جا پٽ پهرين تحريڪ انصاف ۾ آيا بابر اعواڻ بعد ۾ شامل ٿيو، هن چيو ته تبديلي اها هوندي، جڏهن ملڪ ۾ ادارا مضبوط هوندا، سنگاپور ۽ ملائشا اسان اڳتي نڪري ويا آهن، اسان جا ادارا تباهه ڪيا ويا، ماڻهو سمجهن ٿا ته رڳو 2 ادارن فوج ۽ سپريم ڪورٽ جي ساک آهي، ن ليگ منهنجي مٿان اليڪشن ڪميشن ۾ چار پنج ڪيس داخل ڪيا آهن، عمران خان چيو ته سپريم ڪورٽ، جي آءِ ٽي ۾ ثابت ٿيو ته اسان جا ادارا تباهه ٿيا آهن، سڀ ادارا ته گاڊ فادر تباهه ڪري ڇڏيا آهن، وزيراعظم تي ڪرپشن جا الزام آهن، اهو ٻاهر کان سڀ ڪجهه سامهون آيو آهي، عمران خان چيو ته جيڪو به پارٽي ۾ شامل ٿيو، ان ڪو مطالبو ناهي ڪيو، خيبر پختونخواهه ۾ وڌيڪ جماعتن مان به ماڻهو شامل ٿي رهيا آهن، اسان جي جماعت ۾ رڳو هڪ پارٽي مان ماڻهو نه پيا اچن.