اسلام آباد( بيورو ) پاڪستان هڪ دفعو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته ڊرون حملا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين. پرڏيهي آفيس جي ترجمان نفيس ذڪريا هفتيوار بريفنگ ڏيندي چيو ته ڊرون حملا پاڪستان جي خودمختياري خلاف آهن. هن چيو ته ڊرون حملن بابت عالمي سطح تي پاڪستان جو موقف واضح آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ چين افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري رهيا آهن. پرڏيهي ترجمان چيو ته افغانستان سان بارڊر مئنجمينٽ ضروري آهي، جنهن سان دهشتگردن جي چرپر روڪڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي طرف کان ڪنڊيدار تار لڳائڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. سندس چوڻ هو ته افغانستان مان ڪنهن به قسم جي وفد جي دوري جي آجيان ڪن ٿا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ٻنهي سطح تي دورن سان لاڳاپا مضبوط ٿيندا ۽ افغانستان مسئلو حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي ڌرتي ڪنهن به ملڪ خلاف استعمال نه ٿيڻ ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. نفيس ذڪريا چيو ته پاڪستان نئين آمريڪي انتظاميه سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو چئي چڪو آهي. هن چيو ته پاڪستان آمريڪا سان لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿو.