ايم اين اي مير اعجاز جکراڻي جو وڏو ڀاءُ دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو،خورشيد شاهه سميت اهم شخصيتون جنازي نماز ۾ شريڪ

جيڪب آباد (رپورٽ محمد رمضان ابڙو) جيڪب آباد اڳوڻو ايم اين اي مير بابل خان جکراڻي جو پٽ ۽ ايم اين اي مير اعجاز خان جکراڻي جووڏو ڀاءُ مير فاروق خان جکراڻي سندس دل جو دورو پوڻ سبب اچانڪ کيس طبيعت خراب ٿيڻ تي سندن ڪراچي علاج کڻي وڃي رهيا هئا ته سندس رستي ۾ دم ڌڻي
والي ڪري ڇڏيو ،مير فاروق خان جکراڻي جي موت جي خبر باهه وانگر شهر ۾ پکڙجي وئي شهرين ۾ مير فاروق خان جي اچانڪ موت جي خبر پوڻ تي شديد غم ۽ مايوسي ڇائجي وئي،مير فاروق خان جکراڻي نه صرف مير اعجاز خان جو وڏو ڀاءُ هيو پر هو شهر جي سياسي، ۽ سماجي شخصيت به هو ، غريب، مظلوم، بي سهاراماڻهن جو هڏ ڏوکي هو ڏيهن هجي يا رات جيڪو ماڻهون هن وٽ ڪنهن به ڪم لاءِ پهچندو هو ته هو ڏينهن رات کي نه ڏسندو هو هن جو ڪم ان لاءِ اهم هوندو بنا ڪنهن فرق جي هن جو ڪم ڪري ڇڏيندو هو، هو لنڊن کان علاج ڪرائڻ کان پوءِ ڊاڪٽرن سندس ريسٽ ڪرڻ جو چيو پر عوامي خدمتن جي جزبي هن کي ريسٽ ڪرڻ نه ڏنو،هو جيڪب آباد اچي پهنجي شهر جي ماروئڙن جو ٻانهن ٻيلي ٿيو ۽ هر هند فوت ٿيل ماڻهن جي گهر وڃي تعزيت ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو،،جيڪب آباد جي غريبن،جي همدرد ، مير فاروق خان جکراڻي کي پهنجي وسيعت مطابق ،مزمل پمپ وٽان هزارين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنازي نماز ۾ شهر جي سياسي سماجي، مذهبي اڳواڻن توڙي مهذب شخصيتن سميت مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه ۽ ٻين اهم اڳواڻن شرڪت ڪئي، شهر ۾ فضا سوگوار ٿي وئي ۽ سندس مير عباس خان جکراڻي جي جاءِ تي مير اعجاز حسين خان جکراڻي سان سندس تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *