راولپنڊي (م ڊ): آءِ ايس پي آر پنهنجي پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته رحم جي اپيل ۾ ڪلڀوشن جاسوسي ۾ ملوث هئڻ جو اعتراف ڪيو آهي، ڪلڀوشن جاديو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي رحم جي اپيل ڪري ڇڏي آهي، آءِ ايس پي آر موجب ڪلڀوشن جاديو رحيم جي اپيل ۾ آرمي چيف کان معافي گهري ورتي، ڪلڀوشن ملٽري اپيلٽ ڪورٽ ۾ به نظرثاني درخواست داخل ڪئي هئي، ڪلڀوشن جي ملٽري اپيلٽ ڪورٽ ۾ نظرثاني درخواست رد ٿي وئي هئي، آرمي چيف جيڪڏهن اپيل رد ڪندو ته آخري اپيل صدر کي اماڻي سگهجي ٿي، آءِ ايس پي آر موجب دنيا ڏسي وٺي ڀارت پاڪستان ۾ ڇا ڪيو آهي ۽ ڇا ڪري رهيو آهي.