ڪراچي (اين اين آئي ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جمهوريت بهترين انتقام آهي، کي ورجائيندي چيو آهي ته اها شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قرباني ئي هئي، جنهن ملڪ ۾ جمهوريت کي مستحڪم ڪيو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 64 هين سالگراه جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ پي پي پي چيئرمين چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي سڄي حياتي پيڙهيل طبقن لاءِ جاکوڙيندي گذاري ۽ انهن جي حقن جي پاسداري خاطر ئي ظلم خلاف وڙهندي پنهنجي جان ڏئي ڇڏي. هن وڌيڪ چيو ته آمرن ۽ انهن جي منظورِ نظر حوارين شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ٽن ڏهاڪن تائين عدالتن ۾ گهليو ۽ کيس قيد تنهائي ۾ به رکيو پر ان باوجود هو ثابتقدم رهي ۽ رت جي آخري ڦڙي تائين غير جمهوري قوتن خلاف دليري سان جهيڙيندي رهي. بلاول ڀٽو زرداري نشاندهي ڪندي چيو ته اها شهيد محترمه بينظير ڀٽو ئي هئي، جنهن انتها پسندي ۽ عسڪريت پسندي کي للڪاريو ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قوم جي سرواڻي ڪندي شهيد ٿي وئي. هن چيو ته پاڪستاني عوام جمهوريت جي ان عظيم علمبردار شخصيت جي قرضي آهي، جنهن پنهنجو سڀ ڪجهه پنهنجن ماڻهن ۽ انهن جي مستقبل خاطر قربان ڪري ڇڏيو. پي پي پي چيئرمين چيو ته سندس پارٽي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مشن ۽ تصور سان مڪمل طور سلهاڙيل آهي، جڏهن ته هوءَ پنهنجي ابدي آرامگاه مان پارٽي ۽ ان جي قيادت جي رهنمائي ڪندي رهندي. بلاول ڀٽو زرداري اهو وچن ورجايو ته پي پي پي جدوجهد کي ان هنڌ تان اڳتي وڌائيندي، جتي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ان کي ڇڏيو هو. هن پاڪستاني عوام ۽ پارٽي ڪارڪنن کي خاطري ڪرائي ته هو ناانصافين، اڻبرابري ۽ استحصال جي خاتمي ۽ پاڪستان کي برابري تي ٻڌل فلاحي رياست بڻائڻ جي ڏس ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي رهنما اصولن جي پيروي ڪندو رهندو.
=