ڌاٻيجي( رپورٽر) ڪراچي کي پاڻي سپلائي ڪندڙ ڌاٻيجي واٽر بورڊ جي 72 انچ جي لائن بجلي جو بريڪ ڊاون ٿيڻ ڪري ڦاٽي پئي علائقو پاڻي هيٺ اچي ويو.پائيپ لائين ڦاٽڻ سبب هزارين گيلن پاڻي ضايع ٿي ويو ، سنڌ جي گاديءَ واري شهر کي پاڻي جي فراهمي معطل ٿي وئي جڏهن ته علائقي ۾ پاڻي جا تلاءَ بيهجي ويا آهن.ٻئي طرف انتظاميا جو چوڻ آهي ته پائيپ لائين جو مرمتي ڪم جاري آهي تمام جلد ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي شروع ڪئي ويندي .