جي آءِ ٽي قطر اچي، شريف خاندان سان ڪاروبار بابت سمورا تفصيل ٻڌائيندس: شهزادو جاسم

دوحا( م ڊ ) قطري شهزادي حماد بن جاسم چيو آهي ته جيڪڏهن جي آءِ ٽي قطر آئي ته مان شريف خاندان کي لکيل خط جي متن جي تصديق ڪندس. جي آءِ ٽي کي لکيل جوابي خط ۾ شهزادي حماد بن جاسم چيو ته  اسان سوچي سمجهي سٺي خاندان سان ڪاروبار ڪندا آهيون. هن چيو ته ميان شريف جي ڪاروبار کي پاڪستان ۾ تباهه ۽ برباد ڪيو ويو پر ميان شريف ڪنهن به مرحلي تي مايوس نه ٿيو. سندس چوڻ هو ته  هو پاڪستاني شهري ناهي تنهن ڪري پاڪستان اچي جي آءِ ٽي اڳيان پيش ٿي بيان قلمبند ڪرائڻ جو پابند ناهي. شهزادي حماد بن جاسم چيو ته شريف خاندان سان ڪاروباري لاڳاپن بابت ناڪاري تاثر پيدا ڪرڻ تي افسوس آهي. هن چيو ته ڪاروبار ۾ اخلاقيات آهي ته پنهنجي ڀائيوار بابت تفصيل فراهم نه ڪيا ويندا آهن، نواز شريف به اهڙي اصول تحت قومي اسيمبليءَ ۾ تفصيل ظاهر نه ڪيا.  شهزادي جاسم چيو ته شريف خاندان سان ڪاروباري لاڳاپن کي گهٽائي پيش نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته ناڪاري ڳالهيون ڪندڙ پنهنجي ذهن ۽ سوچ کي وسيع ڪن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *