آئون وزير اعظم هجان ها ته ڪڏهن به جي آءِ ٽي آڏو پيش نه ٿيان ها: خورشيد شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن آئون وزير اعظم هجي ها ته ڪڏهن به جي آءِ ٽي جي سامهون پيش نه ٿيان ها. سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته ڪٽ پتلين کي ڪير نچائي رهيو آهي ۽ ڪير نچي رهيو آهي اها مون کي خبر آهي، ميان صاحب به چڱي ريت ڪٽ پتلين جي ناچ ئي ڄاڻي ٿو. هن چيو ته وزير اعظم وٽ ڪا به سچائي ناهي، ان ڪري هن لکيل تقرير پڙهي، ميان صاحب معصوم ماڻهو آهي، جيڪڏهن توهان ڪجهه ناهي ڪيو ته قومي اسيمبلي ۾ وضاحتون ڇو ڏنيون؟ لکيل تقرير پڙهڻ سان مون کي لڳو ته ميان صاحب وٽ ڪو به سچ ناهي.  وزير اعظم کان اسيمبلي جي اندر ۽ ٻاهر ڪيل سوال ڪهڙا هوندا؟. هن چيو ته  جڏهن ادارا ڪمزور ٿيندا ته رياست به ڪمزور ٿيندي آهي، عدالت کي بيعزت ڪيو وي ته ڪير پڇڻ وارو ناهي؟ ميان صاحب کي چوان ٿو ته اوهان اسيمبليون ٽوڙيو ۽ عوامي عدالت ۾ اچو. هن چيو ته آخري رانديگر سٺو کيڏندو آهي، جي آءِ ٽي جو قطر وڃڻ انهن جي خلاف آهي. هن وڌيڪ چيو ته منهنجي دعا آهي ته اسيمبليون پنهنجو مدو پورو ڪن.  اسان اها سياست ڪندا آهيون جنهن ۾ عوامي سوچ ۽ ويزن هجي، آئينو ڏيکارڻ تي ميان صاحب ڊڄي ويو. ڊڪٽيٽر جي لاءِ نواز شريف چيو هو ته آئون ان کي ٽنگيندس. انهن ماڻهن جو هاضمو ٺيڪ ناهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *