متحده وارا سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه وساري ڇڏين، ٻيهر دهشتگردي جو حق نه ڏينداسين: وڏو وزير

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ايم ڪيو ايم وارا سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهه وساري سنڌ جا ٿي وڃن، جيڪڏهن ڪو ٻيهر دهشتگردي ڪرڻ جو حق گهري ٿو ته نه ڏنو ويندو. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي گوڙ تي ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پ پ ڪڏهن به شهري ۽ ٻهراڙي جي ورڇ نه ڪئي آهي، پ پ کي 1970 کان ماڻهو چونڊي رهيا آهن. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ماڻهن کي زبان ڏني ۽ ڳالهائڻ جي جرئت ڏني. سندس چوڻ هو ته انقلاب شهيد ذوالفقار علي ڀٽو آندو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ صوبو پنهنجي وسيلن تي ڀاڙي ٿو، سڀ کان پوئتي ڪي پي آهي. هن چيو ته  سنڌ جو عوام بيوقوف ناهي، توهان هر وقت سنڌ جي ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته طارق روڊ کي قائم علي شاهه کان وڌيڪ ڪير نه ٿو سڃاڻي، جيڪو آسمان تي ٿڪ اڇلائيندو ته سندس پنهنجو منهن ئي خراب ٿيندو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ٿي سگهي ٿو ته هيءَ اسيمبلي مدو پورو نه ڪري سگهي ۽ ٽٽي وڃي. هن چيو ته اڄ کيس خبر پئي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان آهي پر توهان ايم ڪيو ايم جي نالي تي کٽي آيا آهيو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پ پ ڪڏهن به پنهنجو نالو تبديل نه ڪيو آهي. ڪراچي (هه آ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت 161 بلين رپيا استعمال ڪري چڪي آهي. ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) کي گذريل سال 8 ارب رپيا ترقياتي ڪمن لاءِ ڏنا ويا، اهي ڪي ايم سي ڪيڏانهن ڪيا؟ جڏهن ته اسانجي رٿائن تي 7 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا آهن جيڪي نظر اچي رهيا آهن، صدر، ايمپريس مارڪيٽ جي ڀرپاسي وارين گهٽين ۾ سيوريج لائين تبديل ڪيون ويون، ڪراچيءَ جي ميئر نئين رٿائن لاءِ 9 ارب رپيا گهريا آهن. هن چيو آهي ته بجيٽ ۾ زرعي انڪم ٽيڪس جو هدف هڪ ارب رپيا رکيو ويو آهي، اقليتن جي گرانٽ ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 17 لک ماڻهن ۾ هرهڪ کي 2 هزار ڏنا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار اڄ هن سنڌ اسيمبليءَ جي بجيٽ 18-2017ع جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته بجيٽ اجلاس تي تقرير ڪندڙ مان 100هون اسپيڪر آهيان، بجيٽ تي ايم  ڪيو ايم جي 24 ميمبرن ۽ پيپلز پارٽيءَ جي 60 ميمبرن تقريرون ڪيون. هن چيو ته ايندڙ سال ٿي سگهي ٿو ته اسيمبلي پنهنجي مدت پوري نه ڪري سگهي ۽ حڪومت ختم ٿي وڃي. هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو پهرين به پيپلز پارٽيءَ سان گڏ هئا ۽ هاڻي به رهندا. هن وڌيڪ چيو سنڌ جي ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جن ماڻهن کي ڪجهه ڏينهن لاءِ بيوقوف بڻايو ويو هو اهي هاڻ سمجهي ويا آهي. مان انهن ماڻهن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته سنڌ جا ماڻهو هاڻ بيوقوف ٿيڻ وارا نه آهن. هن چيو ته تنقيد سٺي ڳالهه آهي پر سٺن ڪمن جي واکاڻ به ڪئي وڃي. سيد مراد علي شاهه چيو ته اوهان جن کي ليڊر بڻايو هن ملڪ کي ڇا ڏنو؟ اسانجي ليڊر ڏک واري وقت ۾ به پاڪستان کپي وارو نعرو لڳايو. هن خواجا اظهار کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان سنڌين جي پاڪستان لاءِ ڏنل قربانين کي وساري ڳالهه ڪئي، اوهان جڏهن هتي آيا ته سنڌين اوهان کي سيني سان لڳايو. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ پاڪستان بڻجڻ کان پهرين صدين کان موجود آهي. هن وڌيڪ چيو ته اوهان قائداعظم محمد علي جناح کي به وسري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ لوڊشيڊنگ جي معاملي تي هر شهر ۾ احتجاج ڪيو هو. هن چيو ته ميئر ڪراچي وسيم اختر مون وٽ ايندو رهندو آهي، مون کين چيو آهي ته هلندڙ رٿائن تي ڌيان ڏئي ته جيئن انهن کي مڪمل ڪري سگهجي، ميئر نئين رٿائن لاءِ 9 ارب رپيا گهريا آهن، مون ميئر ڪراچيءَ کي چيو آهي ته اوهان هلندڙ رٿائن تي ڌيان ڏئي مڪمل ڪرايو، مان سئو سيڪڙو  فنڊن فراهم ڪري رهيو آهيان. هن وڌيڪ چيو ته ميئر ڪراچيءَ کي بيان بازي ڪرڻي هئي ۽ هُو اهو ڪري رهيو آهي، پر هن جي ڪم ڪرڻ ۾ دلچسپي نه آهي. اسان ڪراچيءَ لاءِ 70 بلين رپيا ترقياتي ڪمن لاءِ رکيا آهن. هن چيو ته روڊ اليڪشن لاءِ نه آهن ايندڙ پنجاهه سالن لاءِ تعمير ڪرايا ويا آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي بينيفشريز کي ٻه هزار ڏئي رهيا آهيون، 17 لک خاندانن کي 3.5 بلين رپيا ڏنا ويندا ۽ اهي 20 جون تائين جاري ڪيا ويندا. هن چيو ته اقليتن لاءِ 13 رٿائون آهن، اسان شاگردن ۽ نوجوانن تي ڏيان ڏئي رهيا آهيون، اي گريڊ حاصل ڪندڙ شاگردن لاءِ ڪيش ايوارڊ جي ساراهه ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اسان پي ايس 112 ۽ پي اي 113 جيڪي پي ٽي آءِ جا تڪ آهن انهن ۾ اسان ڊرينج واري نئين لائين وڇائي آهي. هن چيو ته اسان ايمپريس مارڪيٽ ۾ 660 ملين رپيا جي لاڳت سان نيڪاليءَ جي نظام کي مڪمل ڪيو. 30 ملين رپيا ڪي ايم سي ترقياتي ڪمن لاءِ خرچ ڪيا آهن. هر ڀيرو اها ڳالهه ٿيندي آهي ته رقم جاري دير سان ٿي آهي اها ڳالهه درست نه آهي. ڪالهه تائين 210.2 بلين جاري ڪيا ويا آهن جيڪو هڪ ريڪارڊ آهي، جنهن مان 161 بلين خرچ ڪيا ويا آهن، اسان جولاءِ 2016ع ۾ 45 بلين جاري ڪيا هئا، هن وقت تائين سنڌ کي وفاق کان 68 بلين گهٽ مليا آهن. هڪ هنڌ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مخالف ڌر جي نند ڪمار کي مخاطب ٿيندي چيو ته آسمان تي ٿڪڻ سان پنهنجو منهن خراب ٿيندو آهي، اوهان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو تي الزام لڳايو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي محنت ۽ ڪاوش سڀني کي ياد آهي، عدالتي قتل به سڀني کي ياد آهي، 1970ع کان پاڪستان پيپلز پارٽي جا ماڻهو چونڊجي رهيا آهن. انقلاب 1970ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو آندو هو، ماڻهن کي زبان ڏني، عوام کي ڳالهائڻ جي همت ڏني. وڏي زير مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجا اظهار الحسن کي دعا ڏيندي چيو ته هُو ايندڙ وقت ۾ به مخالف ڌر جو ليڊر بڻجي. هن چيو ته اڄ مون کي خبر پئي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان به آهي، اوهان ته ايم ڪيو ايم جي نالي سان کٽي آيا آهيو!. وڏي وزير چيو ته اسان ٻهراڙي ۽ شهري ورهاست ڪڏهن به ناهي ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته محمد حسين منهنجي والد جي حڪومت جي ساراهه ڪئي پر منهنجي حڪومت کان سهمت نه آهي. هن چيو ته اوهان حق چاهيو ٿا ته اوهان سنڌ جي ورهاست جا خواب ڏسڻ بند ڪريو. هن وڌيڪ چيو ته اوهان کي چائنا ڪٽنگ ۽ دهشتگرديءَ وارو حق ڪڏهن به نه ملندو. هن چيو ته منهنجي اوهان کي گذارش آهي ته سنڌ جا ٿي وڃو. وڏي وزير چيو ته بجيٽ 18-2017ع ٽيڪس کان پاڪ بجيٽ آهي، 5 ڊائريڪٽ ۽ 5 ان-ڊائريڪٽ ٽيڪس لاڳو ڪيا ويا آهن. هن چيو ته اها ڳالهه غلط آهي ته ٽيڪس ڪراچيءَ کان ورتو ويندو آهي ۽ خرچ هتي ناهي ڪيو ويندو. سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاق کي چيو ته سيلز ٽيڪس آن گڊز سنڌ کي وصوليءَ لاءِ ڏنو وڃي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو زرعي ٽيڪس جي آڙ ۾ پنهنجو ٽيڪس لڪائي رهيا آهن، اسان انهن کي روڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته نئين سال لاءِ زرعي انڪم ٽيڪس جي مد ۾ هڪ بلين رکيو ويو آهي. هن چيو ته کجور جا وڻن خريدڻ لاءِ هڪ رپيو به ناهي ڏنو ويو، اهي ڪنهن ٺيڪيدار مفت ۾ فراهم ڪيا آهن. ترقياتي ڪمن بابت آگاهي ڏيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت کي 76 سيڪڙو وفاقي حڪومت جڏهن ته 24 سيڪڙن لاءِ پاڻ وسيلا پيدا ڪندو آهي. هن چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي ٻين صوبن جي بنسبت پنهنجي وسيلن تي انحصار ڪندو آهي، سڀ کان پوئتي خيبر پختون خواه صوبو آهي جيڪو 89 سيڪڙو وفاقي حڪومت ۽ 10 سيڪڙو پاڻ وسيلا پيدا ڪندو آهي، ڪي پي ڪي جو ترقياتي بجيٽ 33 سيڪڙو ۽ پنجاب جو 32 سيڪڙو آهي ۽ ان کانپوءِ پوئتي رهندڙ صوبو پنجاب آهي. هن چيو ته سنڌ جو بجيٽ هر صوبي جي مقابلي کان بهتر آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *