ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وزيراعظم جي آءِ ٽي آڏو پيش،3 ڪلاڪ پڇاڻو

اسلام آباد ( بيورو ) وزيراعظم نواز شريف پاناما ليڪس جي جاچ ڪندڙ 6 رڪني جي آءِ ٽي اڳيان پيش ٿي بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو. وزيراعظم نواز شريف کان جي آءِ ٽي کان ٽن ڪلاڪن تائين آڏي پڇا ڪئي وئي. وزيراعظم نواز شريف جي پيشيءَ دوران سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا. فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي طرفان ويندڙ رستن تي سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا، فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي ۾ اڻ لاڳاپيل ماڻهن جي داخلا مڪمل طور بند ڪئي وئي، جڏهن ته شهرين لاءِ متبادل روٽس جو انتظام ڪيو ويو. اسلام آباد پوليس جي اڍائي هزار اهلڪارن کي سڪيورٽي لاءِ مقرر ڪيو ويو. واجد ضياءَ جي سربراهيءَ ۾ 6 رڪني جي آءِ ٽي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سندس ٻارڙن جي آف شور ڪمپنين، ملڪيتن ۽ ڪاروبار بابت سوال ڪيا. وزيراعظم کان سندس پٽ حسين نواز طرفان مليل 51 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم جي تحفي بابت پڻ سوال ڪيا ويا. نواز شريف کان پاناما معاملي تي بيانن ۾ تضادن بابت پڻ سوال ڪيا ويا. وزيراعظم نواز شريف جوڊيشل اڪيڊمي ۾ پيشي وقت اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي جوڊيشل اڪيڊمي ٻاهران جمع نه ٿيڻ جي هدايت ڪئي تنهن باوجود ڪارڪنن جي وڏي انگ پهچي سندس حمايت ۾ نعريبازي ڪئي.. وزيراعظم نواز شريف پيشي کان هڪ اجلاس ۾ صلاح مشورا ڪيا. اجلاس ۾ فيلصو ڪيو ويو ته وزيراعظم بنا پروٽوڪول جي پيش ٿيندو. وزيراعظم نواز شريف جي ڀاءُ ۽ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کي 17 جون، جڏهن ته وزيراعظم جي نياڻي ۽ قومي اسيمبلي ميمبر ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر کي 24 جون تي جي آءِ ٽي اڳيان پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. هوڏانهن وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته اسان ڪابه ڪرپشن نه ڪئي آهي، ايندڙ سال عوامي عدالت ۾ پيش ٿينداسين. جي آءِ ٽي ۾ پيشيءَ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته جي آءِ ٽي سامهون پنهنجو موقف پيش ڪري ڇڏيو آهي، عوام جي جي آءِ ٽي به لڳائڻي آهي، هي ڪو ڪرپشن ڪيس ناهي. هن چيو ته ڪجهه ڏينهن ۾ جي آءِ ٽي جي رپورٽ اچي ويندي، عدالت جو فيصلو اچڻ به لازمي آهي. سندس چوڻ هو ته منهنجي ۽ منهنجي ڪٽنب پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪيو آهي، جي آءِ ٽي کي سمورا دستاويز پيش ڪيا ويا آهن. وزيراعظم نواز شريف چيو ته مخالف ڀلي ڪيتريون سازشون ڪن، کين ناڪامي ملندي.هن چيو ته هاڻي گڏين واري راند نه هلندي، هاڻي تاريخ جو  ڦيٿو پوئتي نه موڙيو ويندو. سندس چوڻ هو ته سندس خاندان جي ذاتي ڪاروبار تي تنقيد ڪئي پئي وڃي، سمورا تفصيل لاڳاپيل ادارن موٽ موجود آهن. وزيراعظم نواز شريف چيو ته ايندڙ سال سڀ کان وڏي عوامي عدالت ۾ به وڃڻو آهي، سڀ ڪجهه عوام کي ٻڌائيندو. هن چيو ته احتساب جو سلسلو سندس پيدائش کان اڳ شروع ڪيو ويو، مان پنهنجي ٽڪي ٽڪي جو حساب ڏئي ڇڏيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *