پنوعاقل؛ مختلف علائقن جا ٽرانسفارمر 18 ڏينهن کان سڙيل، رهواسي عذاب ۾ مبتلا، ڪاروبار ٺپ ٿي ويو

June 16, 2017 at 5:31 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

پنوعاقل ( رپورٽ سجاول سومرو ) شهر جي مختلف علائقن جا ٽرانسفارمر 18 ڏينهن کان سڙيل، رهواسي عذاب ۾ مبتلا، گرمي سبب گهرن اندر ٻارڙن جا ڪيهاٽ، ڪاروبار ٺپ ٿي ويو، پاڻي جو شديد بحران، رهواسين ۽ دوڪاندارن جو ڀٽائي چوڪ تي ڌرڻو، رپورٽ موجب، پنوعاقل شهر جي مختلف علائقن نبي بخش پاڙو، فوجي محله، اوچي بازار، ڪچهيري روڊ، هاءِ اسڪول چوڪ جا ٽرانسفامر گذريل 18 ڏينهن کان سڙي ويا آهن جيڪي اڃان تائين تبديل نه ٿي سگهيا آهن جنهن خلاف اڄ اوچي بازار، فوجي محله، ۽ ڪچهيري روڊ جي رهواسين ۽ دوڪاندارن دوڪانون بند ڪري يامين قادري، عبدالڪريم ٿهيم، محمد علي مغل ۽ محبوب چاچڙ جي اڳواڻي ۾ سخت احتجاجي مظاهرو ڪري ڀٽائي چوڪ تي ڌرڻو هنيو، هنن چيو ته اسان جي پاڙن جا ٽرانسفارمر گذريل 18 ڏينهن کان سڙيل آهن پر واپڊا وارن جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري اسان واپڊا آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا ايس ڊي او واپڊا غلام رضا ابڙو کي به ٽرانسفارمر سڙڻ جون شڪايتون ڪيون آهي پر هو به آسرا ڏئي رهيو آهي، 18 ڏينهن کان بجلي بند هجڻ ڪري عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهيون سحري توڙي افطاري ۾ سخت گرمي سبب گهريلو عورتون، ٻار، پوڙها بيحال ٿي ويا آهن هنن چيو ته بجلي بند هجڻ ڪري گهرن ۽ مسجدن ۾ پاڻي جو شديد بحران پيدا ٿي ويو آهي پيئڻ جي پاڻي لاءِ به سڪي ويا آهيون ۽ ڪيترو ئي پنڌ ڪري پيئڻ جو پاڻي ڀري اچڻو پوي ٿو، هنن چيو ته سخت گرمي ۾ 18 ڏينهن کان سڙيل ٽرانسفامر تبديل نه ٿيڻ سبب بجلي بند هجڻ ڪري گهرن اندر گرمي سبب ٻارڙن جا ڪيهاٽ آهن ۽ رات جو به سڄي رات ويهي ڪري هٿ جو پکو لوڏي گذاري رهيا آهيون ۽ هر مهيني بجلي جو بل به ادا ڪندا آهيون ان جي باوجود به واپڊا وارا اسان سان قهر ڪري رهيا آهن هڪ طرف قهر جهڙي گرمي آهي ته ٻي طرف ٽرانسفارمر سڙي وڃڻ ڪري بجلي بند هجڻ ڪري ٻٽي عذاب جو شڪار ٿي ويا آهيون هنن چيو ته واپڊا وارا محلي وارن کي چندو گڏ ڪرڻ لاءِ شرط رکيو آهي چندو گڏ ٿيندو ته خانگي مستري ٽرانسفامر لاهي ٺاهي ڪري هڻي ڏيندا ۽ واپڊا وارن جي خانگي مسترين کان ڀتو وصول ڪندا آهن هنن وقافي وزير بجلي، پاڻي ۽ واپڊا جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته ايس ڊي او واپڊا خلاف ڪاروائي ڪري 18 ڏينهن کان سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ڪرائي ڏنا وڃن.

اي پيپر