ڪراچي(هه آ) بلديات واري صوبائي وزير ڄام خان شورو پنهنجي ھڪ بيان ۾ چيو آهي ته ميئر ڪراچي کي آرٽيڪل 140-اي تحت مالي ۽ ايڊمنسٽريشن اختيار حاصل آهن، جيڪي 2013 جي قانون مطابق آهن، جنهن کيسنڌ اسيمبلي اڪثريت سان منظور ڪيو آهي. سال 18-2017 جي لوڪل گورنمينٽ جي 37 ارب جي بجيٽ مان صرف ڪراچي کي ان جو حصو 65 سيڪڙو يعني 24 ارب رپيا رکيو ويو آهي ۽ 64 اسڪمين تي ڪم هن سال مڪمل ڪيو ويندو. پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو منصوبو ڪي-4 به پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت شروع ڪيو آهي ۽ ان کي هن ئي سال ۾ انشا الله مڪمل ڪيو ويندو. ڪراچي جي ادارن ڪي ايم سي، واٽر بورڊ، ڊي ايم سيز سميت ٻين ادارن کي ماضي ۾ تباهه ڪرڻ وارن کي ذميداري قبول ڪري ڪراچي جي عوام کان معافي گهرڻ کپي. اڳوڻي سٽي ناظم جي دور ۾ جڏهن گورنر، صدر ۽ وزيراعظم به سندن هو صرف ڪراچي جي نالي تي 300 ارب رپيا اُڏايا ويا ۽ ڪراچي ۾ پاڻي، سيوريج ۽ صفائي سٿرائي جا ڪي به انتظام نه ڪيا ويا ۽ اسان صرف هڪ سال دوران 10 ارب رپين جا ترقياتي ڪم شروع ڪيا، انهن جو اثر ڪراچي جي عوام کي طارق روڊ، يونيورسٽي روڊ سميت ٻين انڊر پاسز، روڊن ۽ ٻين ترقياتي ڪمن جي ذريعي ملڻ شروع ٿي ويو آهي. اڄ به ڪي ايم سي، واٽر بورڊ ۽ ٻين ضلعن ۾ پگهارن ۽ ٻين ڪمن جي مد ۾ سنڌ حڪومت جي تحت خصوصي گرانٽ اربين رپين جي صورت ۾ فراهم ڪري رهيا آهيون. هو گذريل ڏينهن اسميبلي ۾ بجيٽ 18-2017 تي بجيٽ تي بحث دوران خطاب ڪري رهيو هو. صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته افسوس آهي ته عوام جي ووٽن سان چونڊيل ايوان ۾ اپوزيشن رڪن تنقيد براءِ تنقيد ۽ پوائنٽ اسڪورنگ ڪري ايوان مان هليا ويا آهن ۽ هاڻي جڏهن انهن جي بي سبب تنقيد تي سموريون حقيقتون ۽ انگ اکرن سان جواب ڏئي رهيا آهيون ته اهي ايوان ۾ موجود نه آهن. ڄام خان شورو چيو ته حيدرآباد جيڪو صوبي جو ٻيو وڏو شهر آهي ان ۾ ميئر اچڻ کان اڳ ۾ پگهارن جو مسئلو هو، اسان ميئر جي اچڻ بعد 3 ڪروڙ رپيا ماهوار گرانٽ ڏيڻ شروع ڪئي آهي ۽ اڄ به ڏئي رهيا آهيون، ساڳي طرح ميرپورخاص جتي به ميئر ايم ڪيو ايم جو آهي اتي هر يونين ڪائونسل کي 5 لک رپيا گرانٽ ڏني پئي وڃي. هن چيو ته ميئر ڪراچي اختيارن جي لاءِ روئي رهيو آهي انهن کي اسميبلي جي اڪثريت سان منظور ٿيل 2013 جي ايڪٽ جي شق 140-اي جا سمورا مالي ۽ انتظامي اختيار مڪمل طور تي حاصل آهن ۽ ڪي ايم سي جنهن جي ذميداري آهي اها نالن جي صفائي، روڊن جي مرمت ۽ فائر فائٽنگ جي سمورن معاملن کي ڏسي پر اهو ان کي به پورو نه ڪري رهيو آهي ۽ ماضي ۾ ان ساڳي پارٽي جي سٽي ناطم جي ڪري گهوسٽ ۽ بي سبب ملازمن جي ڀرتين جي ڪري سنڌ حڪومت ماهوار 50 ڪروڙ گرانٽ صرف انهن جي پگهارن جي ادائيگي لاءِ فراهم ڪري رهي آهي. ڄام خان شورو چيو ته صفائي سٿرائي جي ذميداري صرف ڪي ايم سي نه پر ڊي ايم سيز جي پڻ آهي اڄ به ڪراچي جي ٻن ڊي ايم سيز جنوبي ۽ شرقي ۾ سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ بورڊ جي منطوري ساڳي اسيمبلي ڏني جنهن جي تحت ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ اسان ٻين ڊي ايم سيز جيڪي چاهين ٿيون ته اهي پاڻ هي ڪم انهن کي مڪمل سپورٽ فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ڄام خان شورو چيو ته ماضي ۾ 2005 ۾ جڏهن سٽي ناظم نعمت الله خان هيو ان وقت واٽر بورڊ جي ملازمن جي تعداد 4 هزار هئي پر جڏهن مصطفيٰ ڪمال ناطم ٿيو ته هن هڪ ئي آرڊر تي 8 هزار ملازم ڀرتي ڪرايا، ساڳي طرح ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سيز ۾ ملازمن جي تعداد 15 هزار هئي اتي اها تعداد 60 هزار تائين پهچائي وئي ۽ انهن ادارن کي تباهه ڪيو ويو. هن چيو ته 2005 تائين هڪ شهر جي ٻه ڪروڙ عوام کي پاڻي جي فراهمي ڪرڻ وارو ادارو ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ پنهنجي پيرن تي بيٺل هيو، جنهن کي ايم ڪيو ايم سٽي ناظم جي دور ۾ مفلوج ڪري تباهه ڪيو ويو. ڄام خان شورو چيو ته سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ بورڊ وٽ سنڌ اسيمبلي کان اختيار حاصل هئڻ باوجود اسان ان کي پنهنجي خواهش جي بدارن عوامي نمائندن جي مرضي جي تحت هلائڻ جو عزم ڪيو آهي. اڄ به جنوبي ۽ شرقي جي چونڊيل بلدياتي نمائندن جي ڪائونسل جي قرارداد جي منظوري کان پوءِ ئي انهن جو ٺيڪو چائنا جي ڪمپني کي ڏنو ويو آهي. وزير بلديات چيو ته سال 18-2017 جي بجيٽ ۾ ڪراچي ۾ ڪجهه ناهي جو راڳ الاپيندڙ بجيٽ جي ڪتاب کي کولي پڙهيو ئي ناهي ۽ صرف سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ڪرڻ ۾ مصروف آهن. حقيت هي آهي بلدياتي اداري جو سال 18-2017 جو ڪل ترقياتي بجيٽ 37 ارب رپيا آهي ۽ ان ۾ 24 ارب رپيا جيڪي ٽوٽل جو 65 سيڪڙو آهي اهو ڪراچي جي 64 ترقياتي ڪمن لاءِ مخصوص ڪيل آهي. ڄام خان شورو چيو ته ماضي ۾ وزير بلديات ٻين سياسي جماعتن جا هئا، هن وقت پاڪستان پيپلز پارٽي جي چونڊيل ناظم جا فنڊ روڪيا ويا هئا، پر اسان جي پارٽي جي اعليٰ قيادت جي پاران اسان کي خصوصي هدايتون آهن ته سڀني سياسي جماعتن جي چونڊيل ناظمن کي برابري جي بنياد تي فنڊ فراهم ڪيا وڃن ۽ خاص طور تي ڪراچي کي ترقي ۽ ان کي روشنين جو شهر بنائڻ لاءِ خصوصي فنڊ به فراهم ڪيا وڃن.