جي آءِ ٽي کي ايتريون سهولتون ڇو پيون ڏنيون وڃن، وزير اعظم جي ويڊيو ليڪ ٿي ته ذميوار ڪير هوندو: حسين نواز جو وڪيل

اسلام آباد(بيورو) حسين نواز جي تصوير ليڪ واري معاملي جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ۾ جاري آهي جتي سندس وڪيل خواجا حارث عدالت کي درخواست ڪئي آهي ته جي آءِ ٽي کي ويڊيو رڪارڊنگ کان روڪيو وڃي. جي آءِ ٽي ۾ پيشي دوران وزير اعظم جي پٽ حسين نواز جي تصوير ليڪ ٿيڻ جي درخواست جي ٻڌڻي جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ قائم سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ ڪري رهي آهي. سپريم ڪورٽ جي سامهون حسين نواز جي وڪيل خواجا حارث دليل ڏيندي چيو ته جي آءِ ٽي کي ايتريون سهولتون ڇو ڏنيون پيون وڃن، عدالت جي آءِ ٽي کي ويڊيو رڪارڊنگ کان روڪي. جيڪڏهن وزير اعظم جي سوشل ميڊيا تي اچي وئي ته ذميوار ڪير هوندو. هن چيو ته وزير اعظم جي ويڊيو رڪارڊنگ به ليڪ ٿي سگهي ٿي، حسين نواز جي تصوير ليڪ ٿيڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ ڪميشن بڻائي وڃي. سپريم ڪورٽ چيو ته ويڊيو رڪارڊنگ سان ڪو به حق متاثر ناهي ٿي رهيو، جي آءِ ٽي جي رپورٽ پبلڪ ڪرڻ جو فيصلو اٽارني جنرل تي ڇڏيو آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *