سوشل سڪيورٽي جي تحت نادرا پاران بينظير مزدور ڪارڊ سڀني صنعتي ڪارڪنن کي جلد فراهم ڪيا ويندا؛ ناصر شاھ
June 14, 2017 at 11:03 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي(هه آ) سنڌ جي سڀني صنعتي ڪارڪنن کي سوشل سڪيورٽي پاران نادرا پاران بينظير مزدور ڪارڊ فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ معاهدي تي غور ڪيو پيو وڃي، اها ڳالھ محنت، ٽرانسپورٽ ۽ اطلاعات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ اڄ سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ نادرا جي هڪ وفد جنهن جي قيادت ڊائريڪٽر جنرل سنڌ ڪرنل رٽائرڊ محمد احمد خٽڪ سان تفصيلي گڏجاڻي ڪندي آگاهي ڏني. اجلاس ۾ ڪمشنر سوشل سڪيورٽي فارق لغاري وائيس ڪمشنر شاهد عبدالسلام ڊائريڪٽر ميڊيڪل ڊاڪٽر ممتاز علي شيخ، ڊائريڪٽر نادرا خالد وليد، قيصر اقبال ۽ سدرا کان علاوه تسنيم سيد ۽ سيد حامد علي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي محنت واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو ته سوشل سڪيورٽي تحت سنڌ جي صنعتي ڪارڪنن کي بينظير مزدور ڪارڊ جي فراهمي لاءِ غور ڪري رهيا آهيون، نادرا سان معاهدي بعد سڀني ڪارڪنن کي جديد نظام سان منسلڪ ڪري کين تمام سهلوتن فراهم ڪرڻ لاءِ شفافيت کان ڪم ورتو ويندو. نادرا پاران بينظير مزدور ڪارڊ ۾ ڊيٽا بيس رجسٽريشن ويريفڪيشن ۽ سڀني سهولتن جي فراهمي لاءِ گڏيل ڪميٽي جوڙي نادرا جي پرپوزل کي منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو. محنت واري صوبائي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه صنعتي ڪارڪنن جي ڀلائي لاءِ مختلف قدم ۽ ادار جوڙيا آهن ته جيئن سندن غربت کي گھٽائي ۽ سندن معيار زندگي بلند ڪرڻ لاءِ مختلف پروگرام ترتيب ڏنا آهن. بينظير مزدور ڪارڊ به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. ڊائريڪٽر جنرل نادرا سنڌ ڪرنل محمد احمد خٽڪ ۽ سندس ٽيم خالد وليد ۽ قيصر اقبال محنت واري وزير کي بينظير مزدور ڪارڊ بابت مختلف پهلوئن کان آگاھ ڪيو نموني خاطر ٻه ڪارڊ پڻ وزير اعليٰ سنڌ جي منظوري لاءِ پيش ڪيا ويا. نادرا اختيارين ملڪ ۾ جاري سڀني خدمتن جي باري ۾ پڻ آگاهي ڏني.