اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ دانيال عزيز چيو آهي ته عمران خان وانگر اشتهاري مجرم نه آهيان، ڪيسن کان نه ڀڄندس پنهنجي خلاف داخل ڪيس توهين عدالت جي درخواست جي ٻڌڻي کان پوءِ اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مان ڪيسن کان ڀڄڻ وارو نه آهيان مان عمران خان وانگر اشتهاري مجرم نه آهيان، عمران خان ته اليڪشن ڪميش سپريم ڪورٽ، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايتري قدر جو پارليامينٽ کان به فرار آهي، هو ته بني گالا ۾ پنهنجي گھر جي ملڪيت تائين جو جواب نه جي اڳواڻ دانيال عزيز چيو آهي ته عمران خان وانگر اشتهاري مجرم نه آهيان، ڪيسن کان نه ڀڄندس پنهنجي خلاف داخل ڪيس توهين عدالت جي درخواست جي ٻڌڻي کان پوءِ اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مان ڪيسن کان ڀڄڻ وارو نه آهيان مان عمران خان وانگر اشتهاري مجرم نه آهيان، عمران خان ته اليڪشن ڪميش سپريم ڪورٽ، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايتري قدر جو پارليامينٽ کان به فرار آهي، هو ته بني گالا ۾ پنهنجي گھر جي ملڪيت تائين جو جواب نه ٿو ڏئي سگھي ڇو ته هن وٽ جواب ئي نه آهي. هن ٻڌايو ته مونکي ٽي ڏينهن اڳ نوٽيس مليو هيو، ان جي باوجود مان ڪنهن وڪيل کان مدد نه ورتي ڇو ته مان خود ان جو جواب ڏيڻ چاهيان پيو، ان ڏس ۾ عدالت کان مهلت گھري آهي ۽ منهنجي خلاف داخل ٿيل درخواست جي ٻڌڻي 19 جون تائين ملتوي ٿيل آهي. هن چيو ته اهڙو جواب ڏيندس جو ايندڙ 50 سالن تائين ياد رکيو ويندو.
=