پاناما ڪيس حڪمران پارٽي 1997 جھڙي منصوبا بندي بڻائي رهي آهي: اعتزاز احسن
June 13, 2017 at 11:15 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ اعتزاز احسن حڪمران پارٽي نون ليگ تي سپريم ڪورٽ جي خلاف 1997 جھڙي منصوبا بندي بنائڻ جو الزام لاڳو ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن فيصلو حڪومت جي حق ۾ نه آيو ليگي وڪيل عدالت جي ڪمري ۾ غوڙ ڪري سگھن ٿا، نجي ٽي وي موجب اعتزاز احسن چيو ته مون وٽ اطلاع آهن ته ليگي اڳواڻن جو هڪ وڏو انگ سپريم ڪورٽ ۾ وڃي وڳوڙ ڪري سگھي ٿو، هن چيو ته پاناما ليڪس جي انڪوائري ڪندڙ گڏيل جي آئي ٽي جي اڳيان وڪيلن کي گڏ کڻي وٺي وڃڻ منع آهي، ان ڪري ان جي منصوبابندي آهي ته ڪهڙي طرح سپريم ڪورٽ تي حملو ڪري ججن کي تڪراري بڻايو وڃي، ان سوال تي جيڪڏهن خميس تي 14 ڪلاڪن تائين وزيراعظم کان جاچ ڪئي وئي ته ڇا ان تي به ڪو غوڙ جو خطرو آهي، هن چيو ته 14 کان 15 ڪلاڪن جي هاڻي ضرورت آهي اهو معاملو هڪ ڪلاڪ اندر ئي نبيري سگھجي ٿو، پ پ پ جي اڳواڻ مان پهرين ڏينهن کان ئي چئي رهيو آهيان ته اهو چئن ڏينهن جو ڪيس ۽ پنجي ڏينهن ان جو فيصلو ٿيڻ گھرجي ۽ هاڻي جي آئي ٽي نوازشريف کان صرف اهو ئي سوال ڪندي ته ڪٿي آهي اهو سڀ رڪارڊ جنهن جو هن پارليامينٽ ۾ ذڪر ڪيو هو. هن چيو ته جيڪڏهن جي آئي ٽي جي رپروٽ پبلڪ نه ٿي ۽ ان سڄي ڪاروائي کي بند ڪمري ۾ ئي ڪيو ويو ته فائدو وزيراعظم نو از شريف جو هوندو جيڪو پنهنجي نياڻي مريم نواز کي بچائڻ جي چڪر ۾ خود فاسي چڪو آهي. هن وقت نون ليگ وٽ جي آئي ٽي جي سوالن جا جواب نه آهن ۽ هاڻي صورتحال ايتري خراب آهي جو بس امپائر جي آڱر کڻڻ باقي آهي.