پاناما ليڪس ڪيس پاڪستان جي سياست ۾ ڀونچال پيدا ڪندو: مولابخش چانڊيو

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اطلاع واري سڪريٽري مولابخش چانڊئي چيو آهي ته وزيراعظم ۽ ان جا ساٿي جي آئي ٽي کي تڪراري بڻائي رهيا آهن، اسان جيڪڏهن ڪجھه به ڳالهيون ٿا ته اسان جي ڳچي ۾ هٿ وڌا ٿا وڃن، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاناما ليڪس ڪيس پاڪستان جي سياست ۾ ڀونچال پيدا ڪندو. جي آئي ٽي تڪراري ناهي پر وزيراعظم ۽ ان جا ساٿي ان کي تڪراري بڻائي رهيا آهن جي آئي ٽي پاران درخواست معنيٰ خيز آهي، هن چيو ته رڪارڊ ۾ هير ڦير ٿي رهي آي، ته اها صورتحال ڪهڙي به صورت ۾ سهي نه آهي، ملڪ ۾ غريب جي لاءِ الڳ ۽ امير جي لاءِ الڳ قانون آهي، اسان ڪجھه به ڳالهيون ٿا ته اسان جي ڳچي ۾ هٿ پئجي وڃن ٿا اهي ماڻهون سڌو سنئو ڌمڪيون ڏين ٿا ۽ انهن کي ڪجھه به نه چيو وڃي ٿو، ميان صاحب وفاقي سياست نه پر گھٽين جي سياست چاهي ٿو، هن چيو ته وزيراعظم سان سوال ڪرڻ ۾ ڪهڙي برائي آهي، اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي معاملي تي اسان ته ڪنهن کي ڌمڪيون نه ڏنيو هيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *