اسلام آباد (بيورو): پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته ن ليگ گلوئن جي پنهنجي قائد کي قانون کان آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، نواز شريف جي جي آءِ ٽي پيشي تي ن ليگ طاقت ڏيکارڻ جو پروگرام بڻائي رهي آهي، خبرون اچي رهيون آهن ته ن ليگ پنهنجا گلو تيار ڪري رهي آهي، عمران خان چيو ته جي آءِ ٽي ۽ سپريم ڪورٽ کي يقين ڏيارڻ چاهيون ٿا ته قوم انهن جي پٺيان بيٺل آهي، آخرڪار طاقتورن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويو آهي، هن چيو ته جي آءِ ٽي سامهون ان قسم جو تماشو لڳائڻ جي اجازت نه ڏينداسين، قانون جي حڪمراني لاءِ طاقتور کي قانون جو تابع بڻايو پيو وڃي.