ٽريڪٽرز ڪرپشن ۾ جيڪي به ماڻهو ملوث نڪتا، انهن خلاف ڪارروائي ٿيندي: سهيل انور سيال

ڪراچي (م ڊ): صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال ۽ سڌ سماءَ واري صوبائي وزير نثار شاهه گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اينٽي ڪرپشن کي 1 ارب 45 ڪروڙ رپين جي اسڪينڊل جي جاچ جو چيو آهي، ان اسڪينڊل ۾ نيب ڪلين چٽ ڏني آهي، جيب جو پول کلي ويو آهي، سهيل انور سيال چيو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ هڪ ئي انجن چيسس نمبر تي ٽريڪٽرز ڏنا ويا آهن، ناصر شاهه چيو ته ٽريڪٽرز جي سبسڊي تي تمام وڏو فراڊ ڪيو ويو آهي، سهيل انور سيال چيو ته کاتو اينٽي ڪرپشن اسڪينڊل ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري، ٽريڪٽرز ڪرپشن ۾ جيڪي به ماڻهو ملوث نڪتا، انهن خلاف ڪارروائي ٿيندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *