جي آءِ ٽي کي تڪراري بڻايو پيو وڃي، ان کي پنهنجو ڪم ڪرڻ نه پيو ڏنو وڃي: بلاول ڀٽو
June 12, 2017 at 11:18 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
لاهور (م ڊ): پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جي آءِ ٽي کي تڪراري بڻايو پيو وڃي، جي آءِ ٽي کي پنهنجو ڪم ڪرڻ نه پيو ڏنو وڃي، هن چيو ته ميان صاحبان ۽ ن ليگ وارن جو ڪڏهن احتساب ٿيو آهي؟، ن ليگ ماضي کي دهرائيندي ادارن سان ٽڪراءَ جي پاليسي تي هلي رهي آهي، هن چيو ته ننڍو ميان صاحب چوي ٿو ته ٻار کي جي آءِ ٽي ۾ ايئن ويهاريو ويو آهي، جيئن اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي هجي، ميان صاحب اوهان شهيد بينظير ڀٽو خلاف ڪوڙا ڪيس ٺاهيا، ارڙهين ۽ اوڻيهين گريڊ جا آفيسر وزيراعظم کان ڇا سوال ڪندا؟، هن چيو ته جيترو عدالتن کان ن ليگ وارن کي رليف ڏنو ويو، ايترو ڪنهن کي ناهي مليو، ٿوري جاچ ٿي آهي ته اوهان کان رڙيون نڪري ويون آهن، ملڪ جي ڦريل دولت جي جاچ ٿي رهي آهي، بلاول ڀٽو چيو ته هي ٻار ايئر ڪنڊيشن ۾ ويٺو آهي، ميان صاحب پنهنجو دورو ياد ڪريو، اسان اذيتون ڪاٽيون، تشدد ڪيو ويو، ڪوڙا کاڌا، اسان هميشه عدالتن جو حڪم مڃيو، اوهان کي به مڃڻو پوندو، اسان سسٽم کي ڊي ريل ٿيڻ نه ڏينداسين.