نواز شريف ڊرامي جي لاءِ جي آءِ ٽي ويندو، ٻڌڻي اوپن رکي وڃي: اعتزاز احسن
June 12, 2017 at 11:13 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
لاهور (م ڊ): پيپلز پارٽي اڳواڻ سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته جي آءِ ٽي شريف فيملي کان بند ڪمري بدران کليل جاءِ تي جاچ ڪري، بند ڪمري جي ڪارروائي نواز شريف کي فائدو پهچائڻ لاءِ آهي، جڏهن ته نواز شريف جي آءِ ٽي سامهون به ڊرامي جي لاءِ ويندو، ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن جو چوڻ هو ته ٽن مهينن کان اهو ٻڌي ٻي ڪم پچي پيا آهن ته نواز شريف ٽن نسلن جو حساب ڏنو آهي، ايندڙ 5 سالن تائين به اها ئي ڳالهه ٻڌندا رهنداسين، هن چيو ته اها ڳالهه ثابت ٿي وئي آهي ته ن ليگ وٽ قطري خط کانسواءِ ڪو جواب ناهي، شريف فيملي اهو ٻڌائي ته انهن وٽ لاهور ۾ 250ايڪڙ زمين ڪٿان آئين، لنڊن ۾ فليٽ ڪهڙيءَ طرح خريد ڪيا ويا، جڏهن ته حسين نواز کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهارڻ جي ضرورت ناهي، ڏيڍ ڪلاڪ ۾ سڄو معاملو حل ٿي ويندو پر ن ليگ جي آءِ ٽي تي الزام لڳائي سپريم ڪورٽ جي بينچ ۽ جي آءِ ٽي کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.