آپريشن ردالفساد تحت سڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون، 2 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (م ڊ): آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز مختلف علائقن ۾ انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن ڪندي پابندي مڙهيل تنظيم جي 2 دهشتگردن کي ماري وڌو، جڏهن ته ڪاررواين دوران وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو آهي، آءِ ايس پي آر موجب آپريشن ردالفساد تحت فرنٽيئر ڪانسٽيبلري بلوچستان ڪوئيٽا ۾ انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪندي مقابلي بعد پابندي مڙهيل بلوچ لبريشن آرمي جي 2 دهشتگردن کي ماري وڌو، مارجي ويل دهشتگرد هٿياربند فوجن تي حملن، ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀنگ عيوض اغوا ۽ ڪوئيٽا ۾ آءِ اي ڊي ڌماڪن ۾ ملوث هئا، ان کانسواءِ فاٽا ۾ به سڪيورٽي فورسز آپريشن ڪري وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪري ورتو، اهي ڪارروايون اتر وزيرستان ايجنسي جي علائقن نيز خان خيل، رازين ۽ نذر خيل ۾ انٽيليجنس بنيادن تي ڪيون ويون، ٻئي طرف لوئر دير جي ڳوٺ ڪاسڪائي، چترال جي ڳوٺ سري گال ۽ ڊيره آدم خيل جي مختلف علائقن ۾ به آپريشن ردالفساد تحت ڪارروايون ڪري وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو، هٿ ڪيل هٿيارن ۾ ايس ايم جيز، ساڪيلا ڪن، ميزائل، 12 بور رائيفل، گرنيڊز، مواصلاتي اوزار، مختلف قسمن جو ڌماڪيدار مادو، جنهن ۾ 82 ايم اي مارٽر ۽ 12 ڏهائي 7 ايم ايم رائونڊز شامل آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *