اسلام آباد( بيورو ) اليڪشن ڪميشن 80 هزار کان وڌيڪ ڪئمرائون خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب سڄي ملڪ جي پولنگ اسٽيشنن تي سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان آءِ پي ڊي اينڊ نائيٽ ويزن ڪئمرائون خريد ڪيون وينديون. ترجمان موجب ڪئمرائون سان گڏ 20 هزار رڪارڊنگ ڊيوائس به خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته 20 هزار يو پي ايس ۽ مانيٽرنگ ڊسپلي جي خريداري به ڪئي ويندي.