ايران قطر جي مدد شروع ڪري ڇڏي، خوراڪ سان ڀريل پنج جهاز روانا

تهران ( م ڊ ) ايران جي قومي ايئر لائن جا خوراڪ سان ڀريل پنج جهاز قطر روانا ٿي ويا آهن. ايراني قومي ايئر لائين جي ترجمان شاهه رخ يوش آبادي جو چوڻ آهي ته جهازن ۾ ميون ۽ سبزين سميت جلدي استعمال ڪرڻ واريون شيون ۽ هر جهاز تي 90 ٽن خوراڪ آهي، جڏهن ته اڄ ئي وڌيڪ هڪ جهاز روانو ڪيو ويندو. ترجمان موجب هو تيستائين اها رسد جاري رکندا جيستائين قطر ۾ ان جي گهرج آهي. ايران جي تسنيم نيوز ايجنسي موجب 350 ٽن خوراڪ سان ڀريل سامونڊي ٻيڙو به ايران جي هڪ بندرگاهه تي روانگي لاءِ تيار آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *