سونامي ۽ پانامي ٻئي پريشان آهن، ميان صاحب وفاق خلاف آهي: مولا بخش چانڊيو
June 11, 2017 at 11:27 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ٺٽو (ڊ ر): پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مولابخش چانڊئي چيو آهي ته سونامي ۽ پانامي ٻئي پريشان آهن ، ميان صاحب وفاق جي خلاف آهي ، هن ننڍن صوبن سان سٺا لاڳاپا نه رکيا آهن، مڪلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولابخش چانڊئي جو چوڻ هو ته پاناما تي جي آءِ ٽي عدليه جو حصو آهي، جي آءِ ٽي کان قوم کي وڏيون اميدون آهن، اها غريب ، معصوم ۽ لاچار آهي، هن چيو ته عدليه لاءِ غلط ٻولي استعمال ڪئي پئي وڃي ، اها ٻولي جيڪڏهن ننڍي صوبي جو ڪو سياستدان استعمال ڪري ها ته کيس تمام وڏي سزا ڏني وڃي ها، سندس چوڻ هو ته ن ليگ ۾ جيڪي به چڱا ماڻهو هئا سي سڀ پوئتي هٽي ويا آهن، مولابخش چانڊئي چيو ته ميان صاحب عالمي ڪرپشن اسڪينڊل ۾ ملوث آهي، هن چيو ته ميان صاحب ننڍن صوبن سان سٺا لاڳاپا نه رکيا آهن، هو وفاقي سياست نه ٿو چاهي ، صوبي جي سياست کي هٿي وٺرائي رهيو آهي.